ڪراچي(شوبز نيوز) تازو رليز ٿيل رومانٽڪ ڪاميڊي فلم ‘لو گرو’ جي شاندار ڪاميابي کان پوءِ، اداڪاره ماهره خان هاڻي پنهنجي نيٽ فلڪس سيريز ‘جو بچا هين سنگ سمت لو’ جي رليز جو بي صبري سان انتظار ڪري رهي آهي. اداڪاره تازو ئي جرمن براڊڪاسٽر ڊي ڊبليو کي هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پنهنجي مختلف منصوبن بابت کليل طور تي ڳالهايو. هن نيٽ فلڪس سيريز ‘جو بچا هين سنگ سمت لو’ کي پاڪستان جو بهترين ڪم قرار ڏنو آهي. اداڪاره هڪ سوال جو جواب ڏيندي سينيما ڪلچر کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته هاڻي ايندڙ سيريز ‘جو بچا هين سنگ سمت لو’ لاءِ وڏيون اميدون آهن ڇو ته اها نيٽ فلڪس جي پهرين پاڪستاني اصل ويب سيريز آهي. ماهره خان چيو ته ‘جو بچا هين سنگ سمت لو’ جي شوٽنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، پوري ٽيم سخت محنت ڪئي آهي ۽ هر ڪو ويب سيريز جي رليز جو انتظار ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي ڏسي سگهن ته دنيا پاڪستانين جي بهترين ڪم بابت ڪيئن محسوس ڪري ٿي. ياد رهي ته ماهرا خان کان علاوه، فواد خان، هانيا عامر، صنم سعيد، حمزه علي عباسي، احد رضا مير، مايا علي، اقرا عزيز، بلال اشرف، ناديا جميل، عمير رانا، اقرا عزيز، ثمينه احمد ۽ خوشحال خان هن سيريز ۾ نظر ايندا. ‘جو بچا هين سنگ سمت لو’ هن سال جون ۾ رليز ٿيڻو هو، پر اهو نه ٿي سگهيو. نيٽ فلڪس اڃا تائين هن حوالي سان ڪا وضاحت جاري نه ڪئي آهي