ممبئي(شوبز نيوز) سڪندر جي ناڪامي تي ڏکايل مداح سلمان سان ملاقات ڪري کيس ڪنگ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو. بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي فلم ”سڪندر“ جي باڪس آفيس ۾ ناڪامي کانپوءِ سندس مداح سندس گهر پهچي ويا. گذريل ڏينهن عيد تي رليز ٿيندڙ سلمان خان جي فلم ”سڪندر“ باڪس آفيس تي بُري طرح ناڪام ٿي وئي ۽ فلم هينئر تائين 100 ڪروڙ جو انگ به پار نه ڪري سگهي آهي.سلمان خان به فلم جي ناڪامي تي پريشان آهي. فلم فلاپ ٿيڻ کانپوءِ سلمان خان جا مداح به ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر پهچي ويا، جتي هنن هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي، جيڪا 5 اپريل تي گليڪسي اپارٽمينٽ ۾ ٿي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ملاقات ۾ سلمان ۽ سندس ٽيم به موجود هئي ۽ مداحن کليل نموني سڪندر سان ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ کيس سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ به ڏيکاريو.ان کان علاوه مداحن سڪندر بابت شڪايت ڪئي ته فلم جي ڪهاڻي مارڪيٽنگ جي لحاظ کان هڪ جهڙي ناهي، فلم اڳ ئي روز ليڪ ٿي رهي هئي ۽ ساجد ناڊياڊوالا جي ٽيم کي شڪايت ڪئي پر ان کي سنجيده نه ورتو ويو. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سلمان خان مداحن سان ملاقات ۾ اعتراف ڪيو ته شروع کان ئي لڳي رهيو هو ته فلم سڪندر ۾ ڪجهه غلط آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مداحن سلمان خان کي علي عباس ۽ ڪبير خان جهڙن هدايتڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ اهو به مشورو ڏنو ته شاهه رخ خان جي مئنيجر پوجا ددلاڻي ڪنگ خان ۽ سندس مداحن وچ ۾ پل جو ڪم ڪن. رپورٽن مطابق ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، سلمان خان مداحن سان واعدو ڪيو ته هو انهن سمورن معاملن جو خيال رکندو ۽ اها فلم ٺاهيندو جيڪا مداح چاهين ٿا.