لاهور (شوبز نيوز) ڊمپل گرل هانيا عامر ۽ دلجيت دوسانجھ جي نئين فلم سردار جي 3 اڄ کان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رليز ٿيندي. فلم کي ملڪ جي سينما گهرن ۾ رليز ڪرڻ لاءِ سينسر سرٽيفڪيٽ ملي ويو آهي. فلم مختلف مرحلن مان گذري آهي ۽ سينيما اسڪرين تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، پاڪستان ۾ هانيا عامر جي مداحن اڳواٽ بڪنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. سردار جي جو پارٽ ون ۽ ٽو اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي. فلم جي پاڪستاني ورهائيندڙ زين ولي چيو آهي ته فلم کي تازو ئي حڪومت کان پاڪستان ۾ نمائش جي اجازت ملي آهي.