ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم جي گاني جي شوٽنگ دوران پيش آيل حادثي ۾ ارجن ڪپور ۽ ٻه وڏن فنڪارن سميت عملو زخمي ٿي پيو، رپورٽ موجب بالي ووڊ فلم “ميري هسبينڊ ڪي بيوي” جي گاني جي شوٽنگ رائل پامس ۾ جاري هئي ته ان دوران سيٽ جي ڇت ڪرڻ سبب اداڪار ارجن ڪپور ۽ ڀگناني زخمي ٿي پيا، حادثي وقت سيٽ تي هدايتڪار مدثر عزيز به موجود هو ۽ کيس به فارسيلنگ ڪرڻ سبب ڍڪ رسيا، ان کان سواءِ عملي جا اڌ درجن ماڻهو به زخمي ٿيا، هدايتڪار حادثي بعد وڏي وزير، نائب وڏي وزير ۽ ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن کي خط لکي قدمن کڻڻ لاءِ زور ڀريو، رائل پامس انتظاميه جو چوڻ آهي ته سيٽ جي ڇت ڪرڻ جو سبب سائونڊ سسٽم جو تيز آواز ۽ وائبريشن هيو، جنهن سبب ٻيا حصا به لڏي رهيا هئا.