ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ پروڊيوسر تاپسي پنو، جيڪا پنهنجي بيباڪ ڳالهين ۽ صاف گوئي لاءِ مشهور آهي، هن شوبز انڊسٽري جو هڪ تلخ رخ ڏيکاريو آهي، تاپسي پنو جو تعلق ڪنهن فلمي گهراڻي سان ناهي، ان لاءِ اها نون فنڪارن کي پنهنجن تجربن جي بنياد تي قيمتي مشورا ڏيندي آهي، تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ هن فلم انڊسٽري ۾ ڪاميابي لاءِ محنت سان گڏوگڏ ٻين عملن تي به روشني وڌي، تاپسي پنو ممبئي ۾ هڪ انٽرويو دوران چيو ته هڪ عام غلط فهمي آهي ته محنت ڪرڻ سان هر شئي حاصل ٿي ويندي آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان اميد رکو ٿا ته سڀ ڪجهه برابر ۽ انصاف سان ٿيندو، ته ايئن ناهي، تاپسي پنو جو چوڻ هو ته فلمي دنيا ۾ ناانصافي تمام گهڻي ٿيندي آهي، ڪيترن تلخ روين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ڪڙيون ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن، ان لاءِ پنهنجي انا کي پاسي تي رکي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اوهان پنهنجي عزت نفس کي سامهون رکندا، ته پوءِ اوهان جلد ئي مايوس ٿي ويندا، هن وڌيڪ چيو ته اهو رڳو بالي وود ۾ ناهي ٿيندو، پر هر جڳهه ايئن ئي ٿيندو آهي، تاپسي پنو واضح ڪيو ته اها پاڻ کي فلم انڊسٽري جو شڪار نٿي سمجهي، پر هن پنهنجي محبت سان پنهنجو مقام بڻايو آهي. تاپسي نون فنڪارن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ڪيريئر ۾ ناڪامي جي صورت ۾ هڪ بيڪ اپ پلان ضرور رکن، مون وٽ بيڪ اپ پلان موجود هو، مون انجنيئرنگ ڪئي هئي، مون وٽ نوڪري هئي ۽ مان ايم بي اي ڪرڻ چاهيندي هيس، ان لاءِ مون پنهنجي سمورن آپشنز کي کليل رکيو هو، هن چيو ته فلم انڊسٽري ۾ ٻاهر کان ايندڙ اداڪارن جي ڪاميابي رڳو ٽيلينٽ تي ناهي، پر ان ڳالهه تي آهي ته ناظرين انهن جي ڪم کي ڪيئن قبول ڪن ٿا.