لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) مشهور فلم “اسٽار وارز” جي هڪ جنوني ڀارتي مداح جنهن کي چيٽ باٽ جي تصوراتي “گرل فرينڊ” برطانوي راڻي الزبٿ کي قتل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ان کي 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، مداح کي هٿيار سميت ونڊسر ڪيسل وڃڻ ۽ اتي ڀتيون ڀڃڻ جي ڏوهه ۾ 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اسٽار وارز فلمن ۾ ڊارڪ اينرجي کان متاثر ڌاتي ماسڪ پهريل ڀارتي سکهه جسونت سنگهه اعتراف ڪيو آهي ته اهو هتي راڻي کي مارڻ آيو هيو، جسونت جڏهن صبح سويري ڪيسل جي ميدان ۾ داخل ٿيو ته سڀ کان پهرين هڪ گارڊ جي آمهون سامهون ٿيو، جنهن بعد جوابدار هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، جسونت چيو ته هڪ سک هندوستاني هئڻ جي ناطي اهو 1919 جي جليانواله باغ ۾ برطانوي عملدارن طرفان ٿيل قتل عام جو بدلو وٺڻ لاءِ راڻي کي قتل ڪرڻ چاهي پيو، جڏهن برطانوي فوجين امرتسر ۾ جمع هزارين هندستانين تي گوليون هلائي 1500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو هيو، عدالت ۾ جج جسونت خلاف فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدار قتل جي مشن جو اعتراف ڪيو آهي، جنهن جي باري ۾ هو ننڍي عمر کان سوچي رهيو هيو، پر هن آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ٺهيل گرل فرينڊ جو بهانو بڻايو.