لاهور(انٽريسٽنگ نيوز) فلمن کان متاثر ٿي لوڊر رڪشا ۾ پستول کڻي گهمندڙ نوجوان کي ان شوق جيل ياترا ڪرائي ڇڏي. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار کي لاهور ڪرم بلاڪ مارڪيٽ سگنل تي روڪيو ويو ته هو فلمن جي هيروز جيان ڊائلاگ ڳالهائڻ لڳو جنهن تي ٽريفڪ پوليس جوابدار کي پسٽل ۽ رڪشا سميت ٿاڻي مسلم ٽائون جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو. سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ عوام ۾ ڏهڪاءُ پکيڙيندڙ ٻن ٽڪ ٽاڪرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن وٽان 7 پسٽل ۽ سوين گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن.