فلسفو انساني سوچ جي اها روشني آهي، جيڪا رڳو فردي زندگيءَ تائين محدود نٿي رهي، پر سماج جي اڏاوت، واڌاري، ۽ تبديليءَ ۾ به بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. سماج ۾ ٿيندڙ تبديليون، اخلاقي قدر، سياسي نظام، تعليم جا اصول، ۽ فرد جي آزاديءَ جا تصور ــ سڀ ڪنهن نه ڪنهن فلسفي اصول سان جڙيل هوندا آهن. فلسفي بنا سماج هڪ اونداهي رستي وانگر هوندو، جنهن ۾ رستو ته آهي، پر سمت نه.
فلسفيءَ جو بنياد فرد جي فڪر تي آهي، پر ان جو اثر اجتماعي شعور تي پوي ٿو. سماج، ماڻهوءَ جي گڏ رهڻ جو نالو آهي، ۽ گڏ رهڻ لاءِ اصول، ضابطا، انصاف، ۽ اخلاقيات جون گهرجون پون ٿيون. اهي سڀ فڪري نظام کان جنم وٺن ٿا، ۽ فڪر جي واڌاري لاءِ فلسفو ئي بنيادي ذريعو آهي.
قديم يونان ۾ افلاطون ”مثالي رياست“ جو تصور ڏنو، جتي حڪمراني انهن ماڻهن وٽ هجي، جن وٽ دانائي هجي. ارسطو رياست کي ”انسان جي فطري ضرورت“ قرار ڏنو. اهڙي ريت، فلسفيءَ سماج جي جوڙجڪ بابت واضح سوچ ڏني، جنهن مان بعد ۾ سياسي نظام ۽ قانونن جنم ورتو.
سوشلسٽ، لبرل ۽ مذهبي فڪر جا فلسفي اثر
سوشلسٽ فلسفو:
سماج کي برابريءَ تي ٻڌل نظام طور ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪارل مارڪس سماج کي طبقاتي جدوجھد جي ميدان طور ڏٺو، جتي سماج جو ڍانچو معاشي حالتن سان جڙيل آهي. سندس فڪر سماجي انقلابن، ورڪرن جي حقن، ۽ موجوده نظامن جي تبديلي لاءِ بنياد بڻيو.
لبرل فلسفو:
آزادي، انفراديت، ۽ بنيادي حقن تي زور ڏئي ٿو. جان لاڪ، جان اسٽيوارٽ مل ۽ روسو جھڙا مفڪر فرد جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنھن جو نتيجو جمھوريت، انساني حقن ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جي صورت ۾ نڪتو.
مذهبي فلسفو:
سماج کي اخلاقي ضابطن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسلامي فلسفي ۾ به سماجي اصول، عدل، احسان، ۽ اخوت تي زور ڏنو ويو آهي. فارابي ۽ ابن رشد جھڙا مفڪر فلسفي ۽ شريعت جي هم آهنگيءَ بابت لکندڙ رهيا.
تاريخ شاهد آهي ته فلسفيءَ هميشه سماج ۾ تبديليءَ جي لاءِ نئون فڪر فراهم ڪيو آهي. روشن خياليءَ Enlightenment جي دور ۾ علم، منطق ۽ تنقيدي سوچ کي اهميت ڏني وئي. اهو دور ئي هو، جنهن جمهوريت، انساني آزادي، ۽ سائنسي ترقيءَ کي جنم ڏنو.
اڄ جي دور ۾، جتي مصنوعي ذھانت Artificial Intelligence، سوشل ميڊيا ۽ عالمي سياست تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، اتي به فلسفيءَ جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ آهي. اسان کي اهو سوال ڪرڻو پوي ٿو ته ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري سان انسان جي حيثيت ڇا رهندي؟ آزاديءَ جو تصور ڪيڏو محفوظ آهي؟ اخلاقي ذميواريون ڪيئن طئي ٿينديون؟
فلسفو سماج کي ان جي اندروني تڪرارن، تضادن، ۽ امڪانن سان روبرو ڪرائي ٿو. اهو سماج کي رڳو ڏسڻ نه سيکاري ٿو، پر ان کي سمجهڻ، سنوارڻ، ۽ سوال ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو. سماجي تحريڪن، نظرياتي اختلافن، ۽ تبديليءَ جي هر دور ۾ فلسفي ئي ماڻهن کي سوچڻ ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ لاءِ اڀاريو آهي.
فلسفو ۽ سماج هڪٻئي جا لازم و ملزوم حصا آهن. فلسفو اهڙو فڪر آهي، جيڪو سماج کي صرف قانونن يا اقتصادي نظام سان نه، پر اخلاقي، نظرياتي ۽ انساني نقطه نظر سان جوڙي ٿو. جيڪڏهن سماج کي اڳتي وڌائڻو آهي ته فڪر، سوال، ۽ شعور جي اوسر ضروري آهي ــ ۽ ان جو سڀ کان طاقتور ذريعو فلسفو آهي.
فلسفي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء فلسفو ۽ سماج Phillosophy and society ۾ شامل ٿيندا