غزه (م ڊ) فلسطين ۾ ٽرڪ ڊرائيور چوڪيءَ تي ٽرڪ چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 1 اسرائيلي اهلڪار چيڀاٽجي مارجي ويو جڏهن ته 2 سخت زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب الهندي ڪناري تي قائم هڪ چيڪ پوسٽ تي ٽرڪ ڊرائيور کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو ، جنهن تي ڊرائيور بيهڻ بدران کين چٿي فرار ٿي ويو. هادثي ۾ هڪ اسرائيلي اهلڪار مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا. اسرائيلي فوج جي ترجمان به واقعي جي تصديق ڪئي آهي.