لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ٻن مشهور اداڪارائن ميليسا بيريرا ۽ جينا آرٽيگا به پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌندي هڪ وڏي فلمي پراجيڪٽ کان عليحدگي اختيار ڪري پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌو آهي. ميليسا بيريرا کي هارر فرنچائز ”اسڪريم 7“ مان ان وقت ڪڍيو ويو، جڏهن هن غزا ۾ جاري ظلمن خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو. اداڪارا انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ فلسطيني عوام تي جاري ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ فلم پروڊڪشن ڪمپني ساڻس ڪيل معاهدو رد ڪري ڇڏيو. اهو فيصلو نه رڳو فلمي دنيا پر عالمي سطح تي اظهار جي آزادي جي اهميت تي هڪ نئين بحث جو موضوع بڻجي ويو. ميليسا بيريرا کي ڪڍڻ تي اداڪارا جينا آرٽيگا به ”اسڪريم 7“ کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي، شروعاتي طور تي سندس فيصلي کي مصروف شيڊيول ۽ مالي معاملن سان جوڙيو ويو پر پوءِ هن هڪ انٽرويو ۾ واضح ڪيو ته مان اهو فيصلو فلسطين جي صورتحال سبب ڪيو آهي. اداڪارا چيو اهو نه ته معاوضي جو معاملو هو ۽ نه وقت جو، اصل ڪارڻ ميليسا سان ٿيندڙ ورتاءَ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ماحول هو. ٻنهي اداڪارائن جي عليحدگي کانپوءِ فلم ”اسڪريم 7“ جي تيارين کي وڏو ڌڪ لڳو آهي ۽ هاڻ ان جي رليز فيبروري 2026ع تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.