اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلمن ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن جي حوالي سان ميمبرن گفتگو ڪئي ۽ اسرائيلي ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته گڏيل قومون فلسطين ۾ ظلم روڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ غزا جي نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان مطالبو ٿو ڪري ته اسرائيلي ڏاڍ فوري طور روڪيو وڃي، هي ايوان جنگبندي باوجود اسرائيلي بمباري جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ اسرائيلي جارحيت کي عالمي برادري جي ناڪامي سمجهي ٿو. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسرائيل بابت پاڪستان جو باني قائداعظم قومي پاليسي ڏئي چڪو آهي، حڪومت سندس قومي پاليسي تي بيٺي آهي. هن چيو ته فلسطين مسئلو اسان جي ايمان جو به حصو آهي، حڪومت فلسطينين لاءِ امدادي سامان موڪلي رهي آهي ۽ فلسطيني ٻارن کي پاڪستان آڻي تعليم ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو فلسطين مسئلي جي حوالي سان موقف واضح آهي، اسرائيل بابت پاڪستان جو باني پنهنجي قومي پاليسي ڏئي چڪو آهي، پاڪستان ان ئي پاليسي تي بيٺو آهي.