ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾مولانا عرفان علي عرفاني، مولانا مولابخش چانڊيو، مولانا ناظم علي آزاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قدم گاهه مولا علي عه کان ڪوهنور چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، نواب شاهه ۾ مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، محمد حسين چانڊيو، مولانا محمد عالم مري، غلام عباس سيال، معشوق علي شاهه، جعفر علي شاهه، آصف حسين الحسيني ۽ منٺار جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، چمبڙ ۾ تحريڪ لبيڪ اڳواڻ نويد ڪامران، عباس ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اوٻاوڙو ۾ الياس ملڪ، يوسف مزاري ۽ اڪبر گمب جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ھنڱورجا ۾ مولوي اعجاز خاڪي، جواد حسين ملاح ۽ حسنين شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گڏيل قومون اسرائيلي جارحيت جو نوٽيس وٺي جنگ بندي ۾ ڪردار ادا ڪن.