ڪراچي (نمائندن وٽان) فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ سکر ۾ آل پرائيويٽ اسڪول مينيجمينٽ ايسوسيئيشن سنڌ طرفان استادن ۽ شاگردن  احسان علي مهر، اعجاز علي جمالي، محمد بلال سومرو، عبدالقدوس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، موهن جو دڙو ويجهو ڪيڊٽ ڪاليج وٽان پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي نائب صدر محمد علي امر خان ٻگهيو جي اڳواڻيءَ ۾ محمد علي راڄپر، محمد جمن ٻگهيو، اسد پيرزادو، اسد علي لاکير، .فراز پيرزادو، غلام حسين سولنگي، عبدالحق پيرزادو، جي ايم جهتيال ۽ ٻين ريلي ڪڍي، پنگريو ۾ شھرين پاران معشوق شاهه، طارق مولوي، محمد رمضان، شاھنواز شاهه ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عالمي دنيا فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جو نوٽيس وٺي امن ڪرائي.