اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين سينيٽ محمد صادق سنجراڻي سينيٽ جو اجلاس 27 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي. قائد ايوان سينيٽ سينيٽر اسحاق ڊار ۽ بي اي پي جي پارلياماني ليڊر سينيٽر منظور ڪاڪڙ به سينيٽ چيئرمين کي خط لکي فلسطين جي صورتحال تي بحث لاءِ اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ موجود ٻين سياسي جماعتن به سينيٽ اجلاس گهرائڻ جي حمايت ڪئي هئي.