قاهرا (اسپورٽس نيوز) هڪ يورپي چيمپيئن ترڪي ڪنگ فو فائٽر فلسطين سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي جارحيت جي خلاف احتجاج طور پنهنجو تمغو نيل درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ترڪي جي عالمي شهرت يافته ڪنگ فو چيمپيئن نيڪمتين اربڪان اڪيوض فلسطين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ پنهنجو يورپي سون جو تمغو اڇلائي ڇڏيو، هڪ اهڙو قدم جنهن سڄي دنيا ۾ ڌيان ڇڪايو آهي. قاهره ۾ نيل درياءَ جي ڪناري تي بيهي، هن هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته مون کي مليل سڀ اعزاز فلسطين جي مظلومن جي رت جي هڪ ڦڙي کان وڌيڪ قيمتي نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته هو هتي ٻيهر ايندو جڏهن هڪ آزاد فلسطين قائم ٿيندو. اڪيز تازو ئي 2024 يورپي ڪنگ فو چيمپئن شپ ۾ سون جو تمغو کٽيو. ياد رهي ته ڊسمبر 2023 ۾ استنبول ۾ منعقد ٿيل يورپي ووشو ڪنگ فو چيمپئن شپ دوران، نجم الدين آڪيوز فلسطيني جهنڊو لھرايو هو، جنهن کان پوءِ يورپي ووشو ڪنگ فو فيڊريشن (ڊبليو ڪي ايف اي) سياسي اظهار تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ سندس خلاف جاچ شروع ڪئي.فيڊريشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايوارڊ تقريب دوران ڪجهه رانديگرن پاران سياسي ڪارروايون ڏٺيون ويون، جيڪي اسان جي اصولن جي خلاف هيون. فوري ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل رانديگرن سان ملاقات ۽ احتجاج جو نوٽيس شامل هو. هن فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي، نجم الدين آڪيوز چيو، “مون کي پنهنجي عمل تي فخر آهي. مون کي ڪو به افسوس ناهي. جيڪڏهن مون کي موقعو مليو ته مان اهو ٻيهر ڪندس. توهان منهنجا تمغا کسي سگهو ٿا ۽ مون کي سزا ڏئي سگهو ٿا، پر مون پنهنجي ڪيريئر کي خطري ۾ وجهي هي قدم کنيو. اسرائيل کي مخاطب ڪندي، هن سخت لفظن ۾ چيو، “توهان جا قيمتي تمغا هاڻي دريائن جي تري ۾ آهن. جيڪڏهن توهان ۾ همت آهي ته اچو ۽ انهن کي واپس وٺو.”