احمدآباد (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جو فائنل آسٽريليا ۽ ميزبان ڀارتي ٽيم وچ ۾ ٿيو جتي ميچ دوران فلسطين جو حامي هڪ تماشائي ڀارتي بيٽسمين تائين پهچي ويو. ميگا ايونٽ جو فائنل ڀارتي شهر احمد آباد جي دنيا جي سڀ کان وڏي نريندر مودي اسٽيديم ۾ ٿيو، جتي آستريلوي ٽيم خلاف ڀارت جي ٽيم بيٽنگ ڪري رهي هئي، ميچ دوران هڪ لک 31 هزار کان وڌيڪ تماشائي ميدان ۾ موجود هئا. ميچ جاري هئي ته فلسطين جو حامي هڪ نوجوان ڊوڙيندو پچ تائين پهتو ۽ بيٽسمين ويرات ڪوهلي کي پڪڙي ورتو، ميدان جو عملو فوري طور تي نوجوان کي پڪڙي ميدان مان ٻاهر وٺي ويو جڏهن ته ان دوران ٿورڙي وقت لاءِ ميچ کي روڪڻو پيو. نوجوان کي فلسطيني جهنڊي وارو ماسڪ پهريل هو جڏهن ته سندس ٽي شرٽ تي انگريزي ۾ فلسطينين تي بمباري بند ڪريو جو مطالبو لکيل هو. اڪثر سوشل ميڊيا واهپيدارن نوجوان کي بهادر قرار ڏنو آهي. جڏهن ته انتهاپسندن مٿس ۽ سيڪورٽي عملي تي تنقيد به ڪئي آهي.