فلسطين جي آزاد رياست ۽ اولھ ۾ احتجاج

0
21
فلسطين جي آزاد رياست ۽ اولھ ۾ احتجاج

اولھ ايئن جاڳيو آھي جيئن برف ڳري پئي ھجي. ھر طرف آواز آھن: فلسطين کي آزاد ڪريو! مئي مھيني ۾ آمريڪا جي ايم آءِ ٽي، ڪولمبيا، ڪارنيگي، نارٿ ويسٽرن، شڪاگو ۽ ييل يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ شاگردن باقاعدي ڪئمپون قائم ڪري مختلف طريقن سان ھر روز رعبدار احتجاج پئي ڪيو آھي. دنيا جي ٻين يونيورسٽين جھڙوڪ لنڊن ايس او اي ايس، ٽيڪساس، ليئون، گلاسگو، ڪئلگيري ۽ ايمسٽرڊم يونيورسٽين ۾ به ڪئمپون قائم ڪري مختلف طريقن ۽ علامتن سان ھر روز احتجاج ٿيو آھي. بيلجيم جي گھينٽ يونيورسٽيءَ پنھنجي شاگردن ۽ استادن جي احتجاج کي ڏسي اسرائيلي ريسرچ سينٽرن سان واسطا ختم ڪري ڇڏيا. ايم آءِ ٽي سائنسدانن 9 ڏينھن احتجاجي ڪئمپ ھلائي. نيو يارڪ، واشنگٽن، شڪاگو سميت ڪيترن ئي آمريڪي شھرن ۾  فلسطين جي حق ۾ ۽ قتل عام خلاف پرجوش احتجاج ڪيا ويندا رھيا آھن. لنڊن، ميلبورن، پئرس، برلن، مئڊرڊ، اوسلو، ايمسٽرڊم، سڊني سميت دنيا جي اڻ ڳڻين شھرن ۾ جلوسن جا درياھ وھي ھليا آھن. انھن ۾ عيسائي، يھودي، مسلمان، گورا، ڪارا ماڻھو سرحدن، نسلن ۽ مذھبن جي فرق کي پاسي تي رکي پنھنجائپ سان مليا، دنيا جي حڪمرانن کان مطالبو ڪيائون ته فلسطينين کي ظلم و ستم، قتل عام کان بچايو! ۽ فلسطين کي آزاد ڪريو !

مسلم دنيا کي جيتوڻيڪ ننڊ ۾ ھئي پر ھاڻي ھتي به ڪجھ ماڻھو جاڳي رھيا آھن ۽ ايران، يمن، لبنان، اردن ۽ پاڪستان ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ احتجاج ٿيا آھن. ھونئن اسان اوڀر نالي جنھن دنيا ۾ رھون ٿا، ان ۾ احتجاج جو ڪلچر ناھي. ھتي احتجاج ڪا اھڙي شئي ناھي، جنھن تي ڪو فخر ڪيو وڃي. جڏھن ته اولھ جي ڪنھن به ننڍي يا وڏي  شھر ۾ ڪنھن به ڪنڊ ۾ ھڪ شخص به پلي ڪارڊ کڻي بيھندو ته اخبارن وارا/ميڊيا جا ماڻھو ان جي تصوير، وڊيو ميڊيا تي ضرور ھلائيندا.

احتجاج تھذيب آھي، يعني سڌاري يا تبديليءَ جو ھڪ فخر جوڳو ذريعو آھي. احتجاج جمھوريت جو لازمي جزو آھي. اوڀر ۽ خاص طور مسلمان ھنن حالتن ۾ جڏھن ان ذريعي کان ڇرڪن ۽ ان کان پري رھن ٿا، تڏھن مطلب ته جدت، فضيلت، رنگت، انسانيت ۽ نعمت کان پاڻ کي محروم رکن ٿا. ڄڻ ته انھن جي ڪيفيت بيٺل پاڻيءَ واري ٿي وئي آھي ۽ بيٺل پاڻي ٻوڙيندو آھي. جديد دنيا ۾ گھڻن ئي ماڻھن احتجاج جي سگھ کي نه سمجھيو آھي. اھا ڪيفيت رڳو ايشيا تائين محدود ناھي، آفريڪا ۾ به ھڪ دنيا اوندھ ۾ آھي. خدا ڄاڻي ڪڏھن ھي ماڻھو پنھنجي گھري غفلت مان جاڳندا پر ايترو ته ھر ڪو سمجھي سگھي ٿو ته اولھ وارن ۾ احتجاج وارو جو لاڙو موجود آھي. سو احتجاج اڄ جي دنيا جو نھايت پُر اثر ۽ بي ضرر نسخو آھي ظلم خلاف. البت مسلم دنيا جي حالت ھن نوبت تي ڇو پھتي آھي!؟ جو نه رڳو مسلم پر عرب فلسطين عرب دنيا سان ويجهي ھوندي ھڪ تمام ٿورڙي عسڪري آباديءَ جي سرغنن کان ايڏا وڏا ڌڪ کائي جو 8 مھينن جي عرصي ۾ 35 ھزار 800 ماڻھو صيھوني نسوري ناحق جو کاڄ ٿي وڃن ۽ مسلمانن جا 52 ملڪ پنھنجي سوا ارب کن آباديءَ سميت خاموش تماشائي ھجن!

مسلمان اسلام اسلام گھڻو ڪن ٿا پر ان جو بنيادي ۽ لازمي ڪتاب  يا ھيئن کڻي چئجي ته آئين منشور نه ٿا پڙھن. اھو سندن علم وارن جي نصاب ۾ ناھي. ٻيو سبب به پھرئين سبب مان ڦٽو آھي. ڪجھ اھڙا نظريا گھڙيا ويا، جن سبب مسلم آباديءَ جي تحرڪ جو ذوق  توڙي سماجي ڳانڍاپي ۽ مضبوطيءَ جو جذبو ڌڪيل رھيو آھي. اولھ اوج تي آھي. گھڻن ئي شعبن ۾ مٿانھون آھي پر عجيب رويو اھو آھي تہ مسلم دنيا، علم، ايجاد، سوچ، عقل جي استعمال، تحقيق، صحيح ڏس ۾ جستجو ۽ جدوجھد جي ويجھو نه ٿي اچي ۽ باقي جڳ جي ڀيٽ ۾ پنھنجي گھٽتائي جا سبب سڃاڻڻ جي ڪوشش ئي نٿي ڪري.

اولھ جي عوام جي جدوجھد جو ڦل آھي، جو يورپ جي حڪمرانن، خاص طور ناروي، اسپين ۽ آئرلينڊ جي عھديدارن 22 مئي تي  سختيءَ سان ھي موقف رکيو ته فلسطين کي آزاد رياست بنائڻ بنا وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگھي ۽ اھو سڄي دنيا لاءِ انتھائي اھم آھي. ان تي اسرائيل چڙي پيو ۽ انھن ملڪن مان پنھنجا ايلچي واپس گھرايائين. آمريڪي صدر به چيو ته ڳالھين ذريعي فلسطين کي مڃيو وڃي. البت آمريڪي صدر جي ڳالھ کي اسرائيل ليکي ئي نه ٿو.