واشنگٽن/لنڊن/پيرس/اوٽاوا/تل ابيب(م ڊ) “جنگ بند ڪر، حمايت ختم ۽ پابنديون هڻنداسين” آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ ڪينيڊا اسرائيل کي سوڙهو ڪري وڌو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته نيتن ياهو جنگ بند نه ڪئي ته اسرائيل کي آمريڪا جي حمايت ختم ڪري ڇڏيندو،عالمي خابرو ايجنسي موجب آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي سخت پيغام ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن غزه ۾ جنگ بند نه ڪئي ته اسرائيل جي حمايت ختم ڪري ڇڏينداسين. ٽرمپ جو اهڙو سخت موقف نار ملڪن جي ڀرپور سفارتي ڪوششن کانپوءِ سامهون آيو آهي، اطلاعن آهن ته اسرائيل هڪ قطعي معاهدي طرف وڌي رهيو آهي، واشنگٽن طرفان اسرائيل تي دٻاءَ هاڻي واضح ۽ شدت اختيار ڪري چڪو آهي آمريڪي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت واشنگٽن نه صرف قطر جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ حماس سان سڌيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ جي ويجهن معاونن اسرائيلي عملدارن کي صاف لفظن ۾ پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن توهان جنگ بند نه ڪئي ته آمريڪا پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏيندو. برطانيا جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر فرانس ۽ ڪيينڊا جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته نيتن ياهو فوري طور تي جنگ بند ڪري ۽ انساني امداد کي فوري طور تي غزه ۾ داخل ٿيڻ ڏئي. ميڊيا رپورٽس موجب گڏيل قومن موجوده صورتحال کي فلسطيني آبادي لاءِ تباهه ڪن صورتحال قرار ڏنو آهي. ٽنهي ملڪن اسرائيل طرفان امداد جي اجازت کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو ته غزه ۾ صورتحال ناقابل برداشت جي سطح تائين پهچي وئي. مستقل جبري لڏپلاڻ عالمي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب برطانيا فرانس ۽ ڪينيڊا جنگبندي سان گڏ ٻه رياستي حل جي حمايت جو اشارو پڻ ڏنو. هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته برطانيا، فرانس ۽ ڪينيڊا اسان تي حملو ڪندڙن کي وڏي انعام جي آڇ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته يورپي قيادت تڪرار جي خاتمي لاءِ صدر ٽرمپ جي ويزن تي عمل ڪري.
لنڊن(م ڊ) برطانيا اسرائيل سان واپاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون. پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي غزه جي ناڪابندي کي اخلاقي طور تي غلط قرار ڏيندي پارليامينٽ کي ٻڌايو ته اسرائيلي حڪومت جي مذمت جوڳا قدم ۽ بيان ملڪ کي پنهنجي دوستن ۽ ڀائيوارن کان الڳ ٿلڳ ڪري رهي آهي. ڊيوڊ ليمي چيو ته اسرائيلي سفير کي واپاري ڳالهيون معطلي کان آگاهه ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته اهو واضح ڪريان ته حڪومت امداد لاءِ اسرائيل جي ماڊل جي مخالفت ڪري ٿي. اسان سمجهون ٿا ته اسرائيل انساني اصولن جو احترام نه ٿو ڪري، ماڻهو مارڻ انساني عمل لاءِ خطرناڪ آهي. اسرائيلي وزيراعظم هاڻي اهو سڀ ڪجهه ختم ڪري، ٻئي طرف گڏيل قومن خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته امداد نه پهتي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ 14 هزار فلسطيني ٻار مري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪالهه 5 امدادي ٽرڪون غزه ۾ پهتيون، پر اسرائيلي فوج امداد ورهائڻ نه ڏني، ويتر اسرائيل جا غزه تي وحشياڻا حملا جاري رهيا هن وقت تائين 73 فلسطيني مارجي ويا.