ڪراچي (نمائندن وٽان) فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون، حيدرآباد ۾پ پ شهيد ڀٽو پاران ارشاد خاصخيلي جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻي ۾ تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه، جماعت اهلسنت طرفان مطهر علي شاهه، محمد اطھر شاهه، احمد حسين حسيني، مولانا صدام حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نوابشاهه ۾ مجلس مڪتب علماءِ اهلبيت پاران مولانا صادق حسين امامي، مولانا غلام شبير ڪانهيو، زوار محمد حسين چانڊيو ۽ سيد سجاد حسين ڪاظمي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران مولانا اقبال زيدي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، جڏهن ته پ پ ش ڀ طرفان اشفاق سرڪي، قمر الزمان ڏنور، فقير جنسار اڄڻ، عطاءُ الله ڀٽو، فياض حسين ۽ احمد علي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي نڪتي، مٽياري جي روحاني درگاھ پير سرھندي ۽ سماجي تنظيم آواز حق اتحاد پاران پير علي شير سرھندي ۽ پير بابجي سرھندي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺٽي ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران فهد ڪرناڻي، ارباز، شهروز چانگ، عطاءَ الله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ ش ڀ پاران بابو احسان ڀٽو، مقبول شاهه، رمضان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ پ پ ش ڀ ڪارڪنن فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت خلاف نواب الدين چانڊيو، طفيل سانگاهه، شوڪت چانڊيو، وقار شابراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ جعفريه الائنس پاران فقير نظير احمد ميراڻي، آفتاب علي شاهه، فرمان شبير گولو، سلطان شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڦلجي اسٽيشن  ۾جي يو آءِ جي سڏ تي مولانا محمد انور کونھارو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، راڌڻ ۾ متحدهه مجلس عمل جي سڏ تي ريلوي ڦاٽڪ کان سيوھاڻي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، نصيرآباد ۾ پ پ ش ڀ ڪارڪنن وڪيل يوسف پتوجو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، رسول بخش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، شهدادپور ۾ جماعت اهلسنت پاران علامه عبدالستار چندريگر، مولانا الله ورايو سڪندري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اوٻاوڙو ۾ پ پ پ ش ڀ پاران شير محمد چاچڙ، علي نواز سپيو، علي نواز ڪوڀر، معشوق ڇڄڻ ۽ گل حسن ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، روهڙي ۾ غلام ياسين کوسو، عرفان علي قاضي ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي، ڊگھڙي ۾قائمخاني ويلفيئر يوٿ پاران وھاب آصف، جنيد، شبر، طلحه، فيضان رائو، نعمان راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف عالمي ادارن جي خاموشي افسوسناڪ آهي.