حيدرآباد(بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي سنڌ فلسطين مامري تي عرب ملڪن،او آئي سي سوڌو 56اسلامي ملڪن جي فوج جي ڪردار کي شرمناڪ قرار ڏيندي  چيو آھي امت مسلمه انجمن غلامان آمريڪا کي ٻوڙي ڇڏيندو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ضلعي امير حافظ طاهر مجيد، حنيف شيخ، عبدالقيوم شيخ، عقيل احمد ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فلسطين تي جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي لاء ھاڻ پاڪ فوج تي ذميواري آھي ڇو ته جڏهن پاڪستان ايٽمي قوت جو مظاهرو ڪيو هو تڏهن فلسطين جي عوام 3ڏينهن خوشي جو اظھار ڪيو هو.هن چيو ته ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جو ڪردار ناقابل فرموش آھي جنهن نموني پاڪ فوج ڀارتي حملن جو جواب ڏنو ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي.هن چيو ته فلطسين تي جاري جارحيت کي هاڻ پوري دنيا جي ماڻھو مذمت ڪن ٿا ۽ امريڪا ۽ اسرائيل خلاف انسانيت جي ناتي احتجاج ڪن ٿا پر اسلامي ملڪن جا حڪمران آمريڪا جا غلام بڻيل آھن جيڪي انسانيت جي ناتي به فطسين جي عوام تي جاري ظلم تي خاموش آھن. جڏهن ته56اسلامي ملڪن جي ٺاهيل اسلامي فوج جو به ڪٿي ڪردار نظر نٿو اچي. مسلمان حڪمرانن جو ڪردار شرمناڪ آھي. هن چيو ته مسلمان ملڪن جي عوام ۾ فلسطين تي جاري اسرائيل ظلم خلاف سخت ڪاوڙ ڇنيل آھي جيڪا مسلمان حڪمرانن کي ٻوڙي ڇڏيندي.هن چيو ته جماعت اسلامي پهرين جون 2025 جمع ڏهاڙي حيدرآباد ۾ اسرائيل ۽ ڀارت مرده باد جلسو ڪوٺايو ويندو جنهن کي جماعت اسلامي جو مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندو.ان سلسلي ۾ عام کي اپيل آھي ته جلسي ۾ شريڪ ٿي پنهنجي فلسطين جي مظلوم مسلمان ڀائرن سان يڪجهتي جو اظھارڪن ۽ اسرائيل ۽ ڀارت خلاف پنهنجي نفرت جو اظھار ڪن.