رياض(م ڊ) سعودي انٽيليجنس جي اڳوڻي سربراهه شهزاده ترڪي الفيصل چيو آهي ته فلسطيني رياست بنا اسرائيل سانلاڳاپن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪ انٽرويو ۾ هن نيتن ياهو ۽ ان جي ڏوهاري گروهه کي امن جي راهه ۾ وڏي رڪاوت طور تي تنقيد جو نشانو بڻايو، هن چيو ته جيستائين فلسطيني رياست قائم نٿي ٿئي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي نٿا اچي سگهن، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا آزاد فلسطيني رياست جي قيام جو هدف ختم ڪري ڇڏيو آهي.