فلسطينين جي ‘هولوڪاسٽ’ واري باهه ڀڙڪائيندڙ يورپي ميڊيا

0
255
فلسطينين جي ‘هولوڪاسٽ’ واري باهه ڀڙڪائيندڙ يورپي ميڊيا

فلسطينين جي عوامي، انقلابي ۽ جمهوري جدوجهد کي هڪ مخصوص طريقي سان محدود ۽ مخصوص طور تي هڪ مذهبي دائري ۾ ڌڪي انهن کي الڳ ٿلڳ رکڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سان اها ڳالهه فلسطينين تي واضح ٿي وئي آهي ته هاڻ سندن ماضيءَ جيان ڪا به مدد نه ٿيندي. ليگ آف نيشنز، اوسلو پيڪٽ، جنيوا ڪنوينشن، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کانپوءِ57  عرب اسلامي ملڪن واري او آ سي به هزارين سالن کان پنهنجي ڌرتي لا ويڙهه ڪندڙ فلسطينين کي ماضي جيان بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي.

                 آمريڪا ۽ ان جي يورپي اتحادين طرفان اسرائيل جي جنگي مدد کانپو اسرائيل جي فلسطينين جي هولوڪاسٽ وارا پلان به ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اسرائيلي ۽ يورپي ميڊيا به فلسطينين جي هولوڪاسٽ واري باهه ڀڙڪائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه پئي ڇڏي. اسرائيل جي قومي سلامتي ڪائونسل جي اڳوڻي سربراهه گيورا آئرلينڊ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته غزه ۾ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون وڃن، جيئن اتي ڪا به زندگي نه هجي ۽ ائين فلسطيني اتان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ٿي وڃن. هن چيو آهي ته فلسطينين کي مصر يا اولهه اردن وارن علائقن ڏانهن ڌڪڻ وارو اسرائيلي پلان ڪاميابي سان هلي رهيو آهي، ڇو جو پوري دنيا خاص ڪري عرب ملڪن به ان معاملي تي ڪنهن به قسم جو رد عمل ناهي ڏيکاريو. اسرائيلي صدر بنجمن نيتن ياهو به هاڻ مصر تي زور ڀريو آهي ته غزه وارن فلسطينين کي هو ريگستاني علائقي “صحرا سينا” واري عارضي ڪئمپ ۾ منتقل ڪري، جيئن 1967ع ۾ ڪيو ويو هو. اڄ به هزارين فلسطيني مصر ۽ اولهه اردن وارن علائقن ڏانهن وڃي رهيا آهن پر انهن لا سرحدون بند ڪيون ويون آهن. يورپ جي انڌي حمايت ۽ مدد سبب اسرائيل کي کلي ڇُوٽ ملي وئي آهي ته هو غزه ۾ جيئن چاهي ڪري سگهي ٿو. اسرائيل سمجهي ٿو ته 1947ع ۽ 1967ع واري ويڙه بعد عرب ملڪ به هاڻ فلسطين واري معاملي تي غير سنجيده ٿي ويا آهن.

اسرائيل ۾ يهودي هولوڪاسٽ کان انڪار ڪرڻ سنگين ڏوهه آهي پر فلسطيني هولوڪاسٽ “النڪبه” جي ذڪر تي به پابندي آهي. مغربي ميڊيا به يهودين جي ڪنٽرول ۾ آهي، ان ڪري يهودي هولوڪاسٽ به کين ياد اٿن پر “النڪبه” هولوڪاسٽ وساري ويٺا آهن. واضح رهي ته “النڪبه” کان پهرين ۽ پوءِ زائنسٽ جي جنگي ڏوهن ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي سبب ڪيترن ئي يهودين اسرائيل ۾ رهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ناليواري يهودي ليکڪ هي گيبور مارٽي جو چوڻ آهي ته جيئن جرمني ۾ هٽلر يهودين سان ڪيو، تيئن ئي اسرائيل کي فلسطينين سان ڪرڻو پوندو. جيستائين مقامي آبادي ختم نه ٿي ٿئي، تيستائين ڪڏهن به يهودي رياست قائم نه ٿي سگهندي ۽ اهو “النڪبه” اڄ به جاري آهي. تاريخ تي ٿوري نظر وجهبي ته خبر پوندي ته فلسطين ۽ اسرائيل جي ڪانٽريڪٽ کي تقريبن سئو سال ٿي ويا آهن. پهرين عالمي جنگ کان پهرين فلسطين تي سلطنت عثمانيا جو مڪمل ڪنٽرول هو، جيڪو لڳ ڀڳ ٽي سئو سالن تائين قائم رهيو. عثمانين پنهنجي دور ۾ فلسطيني زمين جي خريد ۽ وڪري تي مڪمل پابندي هڻي ڇڏي هئي، جيئن يهودي اتي آبادڪاري نه ڪري سگهن. پهرين عالمي جنگ ۾ سلطنت عثمانيا کي شڪست ٿي ۽ ان خطي جو ڪنٽرول برطانيا ۽ فرانس جي قبضي ۾ هليو ويو، جن پاڻ ۾ ان خطي کي ورهائي کنيو. فلسطين برطانيا جي ڪنٽرول ۾ آيو ته پوري يورپ مان وڏي انگ ۾ يهودي ان علائقي ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. ان وقت به عربن ۽ يهودين ۾ جهيڙا هلندا هئا پر اهي جهيڙا تڏهن وڌيا، جڏهن برطانيا فلسطين ۾ هڪ علائقو يهودين لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. ان دوران يورپ ۾ يهودين جي زائونسٽ موومينٽ يا صيهوني تحريڪ به زور وٺي رهي هئي، انهن جو منشور آهي ته يهودين جي پنهنجي الڳ رياست هجڻ گهرجي. يهوديت صرف هڪ مذهب ئي نه پر هڪ قوم آهي، جنهن جي هڪ ڌار رياست هجڻ ضروري آهي. يهودين جو چوڻ آهي ته اهو سندن اباڻو علائقو آهي پر عرب به ان کي پنهنجو اباڻو گهر قرار ڏيندا آهن.

1920ع ۽ 1940ع ۾فلسطين ۾ يهودين جي آبادي وڌڻ لڳي. يورپ مان هزارين ۽ لکين يهودي پنهنجي جان بچائي فلسطين ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. هٽلر پاران يهودين خلاف آپريشن بعد لکين يهودي جرمني مان فرار ٿي يورپ ۽ برطانيا وڃي لڪا. زائونسٽ موومينٽ ملٽري گروپس ٺاهي ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ مقامي عربن سان جنگ ۽ برطانوي ڪنٽرول مان آزاد ٿي هڪ نئين يهودي رياست ٺاهڻ لاءِ هٿياربند ويڙهه شروع ڪئي. 1947ع ۾ يهودين ۽ عربن ۾ ويڙهه شروع ٿي ته گڏيل قومن ووٽنگ ذريعي فلسطين کي ٻن رياستن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ هڪ عرب ۽ ٻي يهودين کي ڏني ويندي، جڏهن ته بيت المقدس هڪ عالمي شهر هوندو. گڏيل قومن جي ان پلان کي يهودين ته قبول ڪيو پر ڀرپاسي جي عرب ملڪن ان کي قبول نه ڪيو، ۽ ان کي يورپ جي ڪالونيل ازم جو نالو ڏنو ته عربن کان سندن علائقو زبردستي کسيو پيو وڃي.

14مئي 1948ع تي اسرائيل کي نئون ملڪ قرار ڏيڻ جو اعلان ٿيو ته ان جي ٻئي ڏينهن مصر، اردن شام ۽ عراق اسرائيل تي حملو ڪري ڇڏيو. اها پهرين عرب اسرائيل جنگ هئي، جنهن کي “النڪبه” جنگ سڏيو ويندو آهي. ان جنگ جي نتيجي ۾ ساڍا 7 لک فلسطيني پنهنجو ديس ڇڏي ٻين عرب ملڪن ڏانهن فرار ٿي ويا يا انهن کي اسرائيل بي دخل ڪري ڇڏيو. اها جنگ عربن هارائي ۽ پنهنجا ڪيترائي شهر به وڃائي ويٺا. ان جنگ سان اسرائيل کي تقريبن سموري فلسطين تي ڪنٽرول حاصل ٿي ويو ۽ باقي صرف غزه ۽ ويسٽ بينڪ وارو علائقو فلسطينين وٽ وڃي بچيو. غزه مصر ۽ ويسٽ بينڪ اردن جي قبضي ۾ هئا. ائين ڪيترن ئي عرب ملڪن مان به يهودي اسرائيل پهچڻ شروع ٿي ويا 1967ع ۾ اسرائيل ۽ عرب ملڪن ۾ هڪ ٻي جنگ شروع ٿي، جنهن ۾ به عربن کي شڪست ملي. ان جي نتيجي ۾ اسرائيل کي شام جي گولان هائيٽس، اردن مان ويسٽ بينڪ ۽ مصر مان غزه ۽ سينائي  جو ڪنٽرول به ملي ويو. اسرائيل کي جڏهن مڪمل علائقو ملي ويو ته ان فلسطين تي به حڪمراني ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. 1973ع ۾مصر ۽ شام پنهنجا علائقا ڇڏائڻ لاءِ اسرائيل تي حملو ڪيو، جنهن کي “يوم ڪپور جنگ” چيو ويندو آهي. 6 سالن بعد مصر ۽ اسرائيل امن معاهدو ڪيو، جنهن تحت سينائي مصر کي واپس ڪيو ويو. 1982ع ۾ اردن به اسرائيل کي تسليم ڪري پنهنجا علائقا واپس ورتا. هن وقت به لکين فلسطيني اردن، ويسٽ بينڪ غزه ۽ مصر جي ڪيترن علائقن ۾ رهن ٿا پر اسرائيل انهن مهاجر فلسطينين کي پنهنجي اباڻي گهر وڃڻ جي به اجازت نه ٿو ڏي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته ان سان فلسطينين جي آبادي وڌي ويندي، جنهن سان سندن رياست لا خطرا وڌندا. اسرائيل جو اڄ به ويسٽ بينڪ تي قبضو آهي پر 2005 ۾ ان غزه واري پٽي کي آزاد ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جو ادارو اڄ به ان علائقي کي مقبوضه مڃيندو آهي.

اسرائيل گذريل 50 سالن ۾ ويسٽ بينڪ ۽ اتر يروشلم ۾ 6 لک يهودين کي آباد ڪري اتي شهر قائم ڪري ڇڏيا آهن، جن کي سيٽلرز يهودي چيو ويندو آهي. عالمي قانون موجب اهي سيٽلمينٽس غير قانوني آهن. گڏيل قومن جو ادارو به ان کي تسليم نٿو ڪري. 2007ع ۾ غزه جو ڪنٽرول حماس سنڀاليو. ان ڏينهن کان اسرائيل غزه جو گهيرو ڪريو ويٺو آهي. 14 مئي 1948ع تي شروع ٿيل عرب- اسرائيل جنگ جي نتيجي ۾ جتي آزاد فلسطين ٿيڻو هو. اهي اهي علائقا مختلف عرب ملڪن جي قبضي ۾ اچي ويا ۽ باقي جيڪي شهر بچيا، ان تي اسرائيل قبضو ڪريو ويٺو آهي. ائين فلسطينين کي هڪ آزاد ملڪ نه ملي سگهيو. فلسطينين جي گهر آهي ته انهن جي رياست 1967ع کان اڳ واري جنگ وقت مقرر ڪيل زمين تي قائم ڪئي وڃي پر اسرائيل ان مطالبي کي تسليم نه ٿو ڪري. اسرائيل يروشلم جي دعوا ته ڪري ٿو پر ان کي عالمي برادري تسليم ڪرڻ لا تيار ناهي. اسرائيل هاڻ به اولهه اردن ۾ سيڪيورٽي زون جي نالي تي ناڪابندي ڪريو ويٺو آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته جيڪي لکين فلسطيني پنهنجن گهرن ڏانهن موٽڻ گهرن ٿا، ڇا اهي واپس اچي سگهندا؟ ويسٽ بينڪ واپس فلسطينين کي ملندو؟ فلسطينين جي نسل ڪشي بند نه ٿي ته ٽئين عالمي جنگ کي ڪير به روڪي نه سگهندو.