اسلام آباد(بيورو رپورٽ) غزا جي صورتحال ۽ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف سينيٽ ۾ بحث. وفاقي سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته مسنگ پرسنز وارو معاملو جمهوري ملڪن ۾ ناهي ٿيندو، ائين صرف اسرائيل ڪندو آهي، پارليامينٽ مڪمل ٿئي ته ڳجهي ايجنسي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قانوني سازي ڪري. سينيٽر اسحاق چيو ته گذريل 23 ڏينهن کان فلسطين ۾ نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، اسان اسرائيل فوج جي بمباريءَ ۽ هزارين بيگناهه ماڻهن جي مارجڻ تي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اسرائيلي بمباريءَ ۾ 8000 کان وڌيڪ شهري شهيد جڏهن ته 20 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. شهيدن ۾ تمام گهڻي تعداد ٻارڙن ۽ عورتن جي آهي. اسرائيلي فوج پاران کاڌي پيتي ۽ بنيادي ضرورتن جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي. هن ظلم جي خلاف او آءِ سي، اقوام متحدا سميت ٻين فورمز تي ڳالهائڻ گهرجي. فلسطين جو حق آهي ته پنهنجي مرضيءَ جو فيصلو ڪري سگهن. ٻه قومي نظريو ان مسئلي تي پورو لهي ٿو. سيز فائر بابت اسان ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا؟ غزا ۾ بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي. سينيٽر رضا رباني چيو ته اڄ حڪومت جو هڪ وزير ايوان ۾ ناهي. پرڏيهي وزير کي ايوان ۾ هجڻ گهرجي، پرڏيهي وزارت جو ڪو به آفيسر گيلري ۾ ناهي. هي حڪومت اسرائيل ۽ ڪشمير تي اپلوجيٽڪ آهي. ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته ملڪ ۾ اختلافن سبب اهڙي صورتحال آهي جو فلسطين واري مسئلي تي به گڏ بيٺل ناهيون. اسرائيل هڪ ظالم ۽ دهشتگرد ملڪ هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. يهودي رياست جي قيام جي لاءِ هن وٽ نه انسانيت جي قدر آهي ۽ نه ئي هو عالمي قانون تي عمل درآمد پيو ڪري. دنيا پاڻ کي مهذب دنيا چورائڻ ڇڏي ڏي. فلسطين پهريان ئي يرغمال بڻيل هيو، اُتي اسرائيل پاران منظم نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي. دنيا کي اهڙي اسرائيل قدم جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي. ڪهڙا جنگي ڏوهه آهن جيڪي فلسطين ۾ نه پيا ڏين. عالمي قانون جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن. ڪٿي آهن انساني حقن جون عالمي تنظيمون، ڇو فسلطينين جي نسل ڪشيءَ تي خاموش آهن. هي جنگ ناهي هڪ طرف کان قتل عام آهي. سلامتي ڪائونسل جي حوالي سان هاڻي نظر ثاني ٿيڻ گهرجي، سلامتي ڪائونسل جي دائرا ڪار کي وڌائيندي وڌيڪ نمائندگي ڏني وڃي. سلامتي ڪونسل ويٽو بجاءِ جمهروي اصولن تي هلايو وڃي. غزا جا عالمي حوالي سان ٻين ملڪن تي به اثر پئجي سگهن ٿا ۽ ان جا معاشري اثر به آهن. اسرائيل سان جيڪي تعلقن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن هاڻي ان ۾ به گهٽتائي ايندي. اڄ سيڪيورٽي ڪونسل جو اجلاس آهي اسان جو مطالبو آهي ته اسرائيل پيش قدمي ۽ بم باري کي فوري طور تي روڪيو وڃي. غزا جي ناڪا بندي ختم ڪئي وڃي. جيڪا امداد اسان پهچائي سگهون، ان جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اميد ڪريون ٿا ته اليڪشن ٿيندي ۽ ايوان مڪمل ٿيندو. اهو سبب تڏهن ممڪن آهي جڏهن صاف شفاف اليڪشن ۾ برابر جا موقعا هجن. سڀني جماعتن کي ان ۾ شرڪت جي آزادي ڏني وڃي. سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري دنيا ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن پر اثر نه پيو ٿئي، ان ڪري جو مسلم ملڪن ۾ اتحاد ناهي. اسان هميشه فلسطين ۽ ڪشمير جي ڳالهه ڪئي آهي.