واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر باراڪ حسين اوباما اسرائيل کي فلسطين تي ظلمن بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر چيو آهي ته پاڻي، کاڌو بند ڪرڻ سان فلسطينين ۾ سخت رويو پيدا ٿيندو. هن چيو ته اسرائيل جي جارحيت جاري رهڻ سان کيس حاصل عالمي حمايت به ڪمزور ٿي سگهي ٿي.  سندس چوڻ هو ته انساني جانين کي نظرانداز ڪرڻ اسرائيل لاءِ ابتو ثابت ٿي سگهي ٿو.