گجرانوالا(م ڊ) پنجاب جي شهر گجرانوالا ۾ فقيرن جي ڏاڏيءَ جي چاليهي ۾ هزارين پينوئن شرڪت ڪئي، سوا ڪروڙ کان وڌيڪ خرچ ٿيو. انوکي دعوت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڀاڪري برادري سان تعلق رکندڙ فوت ٿيل ٻڍڙي عورت جي پوٽي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي ملڪ مان برادري جا ماڻهو آيا هئا. 60 مڻ مٽن پڪائن جو آرڊر ڏنو ويو، 10 ديڳيون مٺن چانورن ۽ مربي جون ٺاهيون ويون، سوشل ميڊيا جي رپورٽس موجب فقيرن صرف ٻڍڙي عورت جي چاليهي تي تقريبن سوا ڪروڙ خرچ ڪيو، تقريب ۾ شريڪ مهمانن لاءِ ناشتي ۾ سري پاوا، منجهند جو 250 ٻڪرن کان علاوه مختلف طعامن جو انتظام هو.