گمبٽ/فقيرآباد (نمائندن وٽان) ٽائون ڪاميٽي فقيرآباد جي چيئرمين ۽ ميمبرن ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا، وائيس چيئرمين جي صدارت ۾ ميمبرن جو اجلاس، چيئرمين تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام، عدالت وڃڻ ۽ عدم اعتماد جي رٿ آڻن جو اعلان، خبر موجب ٽائون ڪاميٽي فقيرآباد جي چيئرمين نثار خاصخيلي ۽ ميمبرن ۾ ھڪ دفعو ٻيھر اختلاف چوٽ چڙھي ويا آهن، ٽائون چيئرمين خلاف وائيس چيئرمين پرويز احمد ڀٽي جي صدارت ۾ ميمبرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن ڊاڪٽر ايوب منگي، خورشيد چانڊيو، بشير ڀٽي، حق محمود چانڊيو، ظھير راڄپر، فريد سولنگي، نياز ڳاھو ۽ ممتاز سولنگي شرڪت ڪئي، اجلاس بعد وائيس چيئرمين ۽ ميمبرن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽائون چيئرمين ڪرپشن جي انتھا ڪري ڇڏي آهي، ميمبرن کي ڪا به اھميت نٿو ڏئي، ٽائون چيئرمين ٽن مھينن ۾ 6 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم خرد برد ڪئي آهي، اھا رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي ان بابت ميمبرن کي اعتماد ۾ ناھي ورتو ويو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته ٽائون چيئرمين ميراٿن ريس ڪرائڻ شاگردن لاءِ خريد ڪيل جيڪٽس ۽ تيل سميت مختلف مدن ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي آهي، اسان اڄ اجلاس ڪيو ته ڪائونسل ھال کي تالا ھنيا ويا، اسان پ پ قيادت کي ٽائون چيئرمين خلاف لکت ۾ درخواست ڏينداسين ۽ ٽائون چيئرمين خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته جلدئي چيئرمين خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين، رابطو ڪرڻ تي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين نثار خاصخيلي الزامن کي رد ڪندي چيو ته مون مٿان لڳايل الزام بي بنياد آھن، ڪا به ڪرپشن ناھي ڪئي، ڪمن جا تفصيل موجود آهن، ميمبرن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس.