’ففٿ جنريشن وار’ ئي نه مهانگائي به ته ماري پئي!

0
47
’ففٿ جنريشن وار’ ئي نه مهانگائي به ته ماري پئي!

 تازو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل فوجي ڇڪتاڻ جي شروعات 22 اپريل 2025 تي پهلگام ۾ ٿيل حملي کان ٿي. حملي ۾ 26 عام شهري مارجي ويا. ڀارت ان حملي جو الزام پاڪستان تي لڳايو. ان حملي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳيتو ڇڪتاڻ وڌندي وئي. 24 اپريل کان 6 مئي تائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لائن آف ڪنٽرول (LoC)  تي ڳري فائرنگ ۽ گولا باري جا واقعا ٿيا. مئي جي 7 تاريخ کان ڀارت پاران ‘آپريشن سندور’ جي نالي سان پاڪستان جي مختلف علائقن تي ميزائل حملا ڪيا ويا. جواب ۾ پاڪستان 9 مئي کان ‘آپريشن بنيان المرصوص’ جي نالي سان ڀارت جي مختلف فوجي هدفن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا. 10 مئي تي آمريڪا جي ٽياڪڙيءَ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبنديءَ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪا ساڳئي ڏينهن کان لاڳو ٿي. اهڙيءَ ريت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل فوجي ڇڪتاڻ تقريباً 17 ڏينهن جاري رهي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳري فائرنگ، ميزائل حملا، ۽ ڊرون حملا ٿيا. 7 مئي کان 9 تائين Active War ۾ ٻنهي ملڪن جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هڪ ٻئي کي جتي زيرِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اتي هڪ ٻيو مُحرڪ پڻ تمام گهڻو سرگرم رهيو. جيتوڻيڪ ان اصطلاح جو نالو استعمال نه ڪيو ويو پر جنگ جي ‘گُپت هٿيار’ جيان ان جو آخر تائين ڀرپور استعمال ٿيندو رهيو. هڪ خيال موجب ذهنن کي ڪنٽرول ڪرڻ کان عام ڳالهين کي پروپيگنڊا جي آخري حدن تائين وٺي وڃڻ کي ‘ففٿ جنريشن وار’ چئجي ٿو. ٻنهي ملڪن جي سوشل ميڊيا کان مين اسٽريم ميڊيا تائين دعوائن جا اهڙا ڍير ڪيا ويا، جيڪي سمجهه کان ٻاهر هئا. خاص طور هندستان جي ميڊيا، جهڙي ريت دعوائون ڪيون، انهن کي سوچي هاڻي فقط مسڪرائي سگهجي ٿو. مثال طور: “لاهور ۾ بندرگاهه تي ڀارتي فوجين جو قبضو ٿي ويو. يا پاڪستان جي مدد ڪرڻ حماس جا ويڙهاڪ پهچي ويا آهن، هاڻي ان سان اسرائيل ٿي وڙهڻو پوندو”. اهڙيون کوڙ عقل کان مٿانهيون ڳالهيون، جيڪي هڪ معقول هوش حواس رکندڙ پُرش لاءِ کِلَ جوڳيون هجن، پر انهن ڳالهين جا، ڪوڙن جا، ٻٽاڪن جا مارڪيٽ ۾ وڏا خريدار پڻ موجود آهن. ان جو اندازو سوشل ميڊيا تي ئي ماڻهن جي مارڪيٽ مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪهڙي ريت ڪوڙين خبرن کي ڌڙا ڌڙ پيو شيئر ڪيو ويندو آهي، اهو روز جو مشاهدو ماڻي سگهجي ٿو ۽ پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سوشل ميڊيا تي ڪهڙو به حد کان وڌيڪ ڪوڙو ۽ مضحڪه خيز مواد ٺاهيو، بس پوءِ توهان کي خاموش ٿي ويهڻ جي ضرورت آهي. ان کي مٿي تي کڻي بازار ۾ سرگس ڪرائڻ وارا پاڻهي پهچي ويندا. انهيءَ اصول يا بنياد تي ‘ففٿ جنريشن وار’ جو هڪ پاسو پڻ ڪم ڪري ٿو.

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ کي جاچيون ته 1947 کان ٻئي ملڪ ورهاڱي کانپوءِ لاڳاتار تڪرارن ۽ ويڳاڻپ جا شڪار رهيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيتريون جنگيون پڻ ٿيون. جن ۾ خاص طور تي 1947، 1965، 1971، 1999 (ڪارگل جنگ) ۽ هاڻوڪي جنگ پڻ شامل آهن. اهي گهڻو ڪري ڪشمير جي مسئلي تي ٿينديون رهيون آهن. انهن جنگين ۾ محدود پئماني تي ماڻهن جي ذهنن کي مفلوج بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو هو، پر هاڻي ته ‘ففٿ جنريشن وار’ جي صورت اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏي آرٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ روايتي هٿيارن کانسواءِ به معلوماتي جنگ، سائبر حملا، نفسياتي آپريشن، پروپيگنڊا، ڪوڙيون خبرون، معاشي دٻاءُ ۽ پراڪسي طريقن تي ٻڌل حربن سان هڪ ٻئي ڪاهون ڪيون وڃن ٿيون. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

* ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پروپيگنڊا ۽ راءِ عامه تي اثر انداز ٿيڻ.

* سائبر حملن ذريعي سرڪاري نظامن ۽ معلومات کي نشانو بڻائڻ.

* ڪوڙيون خبرون ۽ غلط معلومات ڦهلائڻ سان عوام ۾ بيچيني پيدا ڪرڻ.

* غير رياستي عنصرن جي حمايت ۽ انتهاپسند خيالن جي واڌاري جي ڪوشش.

* قومي اتحاد کي نقصان پهچائڻ ۽ خاص طور تي نوجوان نسل کي ذهني طور متاثر ڪرڻ.

انهن مکيه طريقن سان گڏ اهڙي قسم جا جذباتي بيان ورجايا وڃن ٿا، جو ماڻهو ٻڌي آپي مان نڪري وڃي ٿو. اهي سڀ ڪجهه جديد حوالي سان ‘ففٿ جنريشن وار’ جي کاتي ۾ ئي اچن ٿا. ‘ففٿ جنريشن وار’ کي ڀَلي ڀت سمجهڻ لاءِ پهرين اصطلاح ‘وارفيئر’ جي معنى ۽ مفهوم کي سمجهڻو پوندو. سال 1648 ۾ ‘ويسفاليه ٺاهه’ کان پوءِ ‘وارفيئر ماڊل’ جو استعمال شروع ٿي ويو. هي ٺاهه ان 30 سالن جي جنگ بعد ٿيو، جنهن ۾ جرمني ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ مذهبي بنيادن تي هڪ خطرناڪ جنگ وڙهي وئي. مذهبي نفرتن کي بنياد بڻائي عيسائين جا ٻه وڏا فرقا ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ هڪ ٻئي سان ايتري حد تائين خوني جنگ وڙهيا جو هڪ اندازي مطابق ان جنگ ۾ 8 لکن کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار بڻيا. جنگ جي خاتمي ۽ معاهدي کان پوءِ ‘وارفيئر’ جو اصطلاح مروج ٿيو، جيڪو 21هين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ پنجين جنريشن تي پُڄي چڪو آهي. جيڪڏهن معاملي کي بلڪل سادي ۽ مختصر روپ ۾ سمجهڻ چاهيون ته فرسٽ کان ففٿ جنريشن وار جو مختصر جائزو وٺڻو پوندو، جيڪو ڪجهه هن طرح بيهندو:

فرسٽ جنريشن وار:

هي اصطلاح قديم جنگين ۽ لڙاين لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ فوجون تيرن، تلوارن، ڪهاڙين، لٺين سان هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون هيون. هندستان ۾ مها ڀارت، رامائڻ جو دور، سنڌ ۾ سومرن ۽ گجرن جون لڙايون، دودي سومري جي هندستان جي بادشاه علاو الدين سان جنگ يا عربن جو سنڌ تي حملو ان جو مثال آهن.

سيڪنڊ جنريشن وار:

هن قسم جي جنگ ۾ تيرن تلوارن سان گڏ بندوقون به شامل ٿي ويون. سپاهين جي قابليت ۾ اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ويندي هئي ته تلوار جي استعمال سان گڏ هو ڪيتري قدر بندوق جو بهتر استعمال ڪري نشانو هڻي سگهن ٿا. هندستان ۾ پاڻيپت جون جنگيون، سنڌ ۾ مياڻي جي جنگ ان جا بهتر مثال آهن، جن ۾ ڀالن نيزن تيرن تلوارن سان گڏ محدود پئماني تي بندوقون ۽ توبن جو استعمال به ڪيو ويو. ٻين لفظن ۾ انهن جنگين ۾ آتشين هٿيار، ننڍي پئماني تي ڪتب آندا ويا. سڪينڊ جنريشن وار جو ڀرپور استعمال پهرين مهاڀاري جنگ ۾ نظر اچي ٿو. آمريڪي پروفيسر رابرٽ جي بنڪر جي تحقيق موجب سيڪنڊ جنريشن وار اصل ۾ ٽيڪنالاجي جو جنگين ۾ استعمال ڪرڻ جي ابتدا هئي.

ٿرڊ جنريشن وار:

جنگين ۾ محدود آتشين اسلحي سان گڏ ان ۾ جدت ايندي وئي. هاڻي ميدان ۾ جتي اي.ڪي – 47 جهڙي جديد ۽ مضبوط رائيفل اچي وئي، اتي لڙائي، ميدان کان نڪري ڪمرن تائين پهچي وئي، جتي نصب بٽڻن کي دٻائن سان وڏي تباهي ڪري سگهجي پئي. جنگ ۾ جتي ميزائل متعارف ڪرايا ويا، اتي ايٽمي هٿيار به آندا ويا. نه صرف انهن کي ٺاهڻ جو اعلان ٿيو پر عملي طور استعمال پڻ ڪيو ويو. ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي آمريڪا طرفان ڪيرايل ايٽمي بم هن وقت تائين انساني تاريخ ۾ جنگ جو بدترين مثال آهن.

فورٿ جنريشن وار:

جنگ جي هن ماڊل لاءِ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ٿيل تحقيق کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته فورٿ جنريشن وار سال 1989 کان شروع ٿيو. جڏهن ته ڪجهه محقق هن کي ٻين عالمي جنگ کان پوءِ سوويت يونين ۽ آمريڪا ۾ شروع ٿيل سرد جنگ سان تعبير ڪن ٿا. هن قسم جي ماڊل ۾ طاقتور ملڪن جون فوجون هڪ ٻئي جي سامهون ته گهٽ ٿين پر ڳجهن طريقن سان هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. ٻين لفظن ۾ ‘نان اسٽيٽ ايڪٽرس’ جو اصطلاح به هن ئي ماڊل سان جڙيل آهي، جنهن ۾ طالبان، داعش سميت انهن عسڪري گروپن جي تشڪيل آهي، جيڪي مخالف قومن ۽ ملڪن کي پريشان ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ جون صلاحيتون رکن ٿا. ڏٺو وڃي ته فورٿ جنريشن وار ماڊل هلندڙ دؤر ۾ به پنهنجي ڀرپور آب تاب سان جاري آهي.

ففٿ جنريشن وار:

جنگ جي هن ماڊل متعلق ٿيل ريسرچ بعد ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته هي اڃا ارتقائي مرحلن مان گذري پيو، جنهن ۾ جنگين ۾ جدت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪافي اسڪالر هن قسم جي ماڊل کي ‘تصوراتي’ سان تعبير ڪن ٿا. جڏهن ته حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا جنهن ۾ فيس بڪ ۽ ايڪس سرفهرست آهن، في الوقت ففٿ جنريشن وار جا وڏا هٿيار آهن. جن جي معرفت هر ماڻهوءَ کي جنگي جنون ۾ مبتلا ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. جهڙي ريت هندستان ۾ بي.جي.پي حاصل ڪري رهي آهي. ڀارت هن وقت دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ سڀ کان مٿانهون آهي. ان ٽيڪنالاجيءَ کي ڪهڙي طرح استعمال ڪجي، اهو هنر به هن وٽ اچي ويو آهي. جنهن ۾ نه رڳو وقتي پر ديرپا فائدا پڻ حاصل ڪري رهيو آهي. جنگي ماحول کي ايتري ته چوٽيءَ تي وٺي وڃڻ، جو حقيقي جنگ جو گمان ٿيڻ لڳي، ان ۾ هندستان ۾ بي.جي.پي يڪتا آهي.

نريندر موديءَ طرفان پاڻ کي ‘چوڪيدار’ جو لقب ڏيڻ کان ماضي بعيد جا ديومالائي قصا ٻڌائي ماڻهن کي باور ڪرائڻ ته هو اهو شخص آهي، جنهن وٽ سڀ صلاحيتون آهن، جن جي مدد سان دشمن کي هارائي سگهجي ٿو، ان هنر جا ڪجهه مثال آهن. ڀارت جي ان بيانيي کي ففٿ جنريشن وار سان تعبير ڪري سگهجي ٿو، پر هتي ڏسڻو فقط هي آهي ته اهي طريقا ڪيسيتائين ڪامياب ويندا؟ ڇاڪاڻ ته سوشل سائنس موجب انهن جي ڪاميابي وقتي هوندي آهي. جنگ ۾ اهو ئي سوڀارو ٿيندو، جيڪي ڏاڍو هوندو ۽ سچ ته ٻنهي ملڪن وٽ موجود مهلڪ ايٽمي هٿيارن هوندي، ڪير به ڪنهن کان ڏاڍو ناهي يا ٻئي ڏاڍا آهن، جي هيڻو آهي ته هتان جو غريب عوام، جنهن کي ڊورن، ميزائل سان گڏ مهانگائي به ماري رهي آهي.