هزارين سالن تي ٻڌل انساني تھذيب جي تاريخ کي ڏسجي ٿو ته انسان غارن ۾ رھندڙ گگدام جانوراڻي ڪرت کان وٺي جديد ترين تھذيب، جنھن ۾ اڻ ڳڻين ٽيڪنالاجين ۽ علمي کوجنائن جو جيڪو سفر طئي ڪيو آهي، اھو ھن وقت تائين ڳوليل ڪائنات ۾ رڳو انسانذات کي ئي نصيب ۾ آيل لڳي ٿو. اوائلي دور ۾ انسان جي ارتقا جو مکيه محور فطري حالتن سان ھڪجھڙائي پيدا ڪرڻ، شڪار ڪرڻ، باھ جي ڪلا سمجهڻ ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ تائين ئي محدود هئو. ان ڳالهه کان ڪو انڪار ناھي ته اھي کوجنائون انسان جي مستقبل تي تمام وڏو اثر رکيو ويٺيون آھن. ان کان پوءِ زرعي انقلاب آيو، جنھن انسانن کي واھڻ وستين، زمينداريءَ ۽ معاشري جي جوڙجڪ ڏانھن آندو. جنھن کانپوءِ صنعتي انقلابَ، جنھن مشينن، فيڪٽرين ۽ وقت جي قدر ڪرڻ سان انساني زندگيءَ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو ۽ ھاڻي ھي آھي ڊجيٽل انقلاب، جنھن انسان کي معلومات، رابطن ۽ سوچن جي رفتار ۾ اهڙي ته ھٿي ڏني آھي جو هو هاڻي نه رڳو هن ڌرتيءَ تي پر ڌرتيءَ کان ٻاهر مختلف گرھن تي به اک رکيو ويٺو آهي. ھاڻي ھڪ پاسي ھُو خلائي ڪھڪشائن کي پيو تپاسي ته وري ٻئي پاسي پنهنجي پاڻ کي پڻ ھُو ھڪ اھڙيءَ جاءِ تي بيٺل ڏسي ٿو، جو سندس تعارف ھاڻي ماڻهو گهٽ، اڌ مشين ٿيڻ لڳو آھي. جنھن کي سائنسي دنيا ۾ “سائبورگ” چيو وڃي ٿو.
لفظ “سائبورگ” جي تشريح سادن لفظن ۾ ائين ڪري سگهجي ٿي ته ھڪ اهڙو وجود، جنھن جي جسم ۾ انساني عضون سان گڏ مشيني يا اليڪٽرانڪ پرزا پڻ ڪم ڪندا ھجن، جيڪي ان جي جسماني يا ذهني صلاحيتن کي غير معمولي حساب سان وڌائيندا ھجن. مثال طور، دل جي جڳھ ھڪ مصنوعي پمپنگ والوِ، ڪنن وٽ ٻُڌڻ جا مشيني اوزار، دماغ ۾ آپريشن ذريعي سُپر سليڪان چِپُون يا جسم ۾ مصنوعي عضوا جھڙوڪ روبوٽڪ هٿ يا پير، جيڪي انسان جي قدرتي عضون جي ڪم کي جاري رکندا ھجن يا انهن کان به ڀلو ڪم ڪندا ھجن. ھتي ان شئي جي پڻ وضاحت ڪجي ته “سائبورگ” صرف علاج معالج يا معذور ماڻهن جي مدد ڪرڻ ئي ناهي پر هاڻي ان “سائبورگ” جو تصور پاڻ انسانن جي فطري قوتن کي غير معمولي حساب سان واڌاري لاءِ به سامهون اچي رهيو آهي. جيئن گوگل گلاس، نيورالنڪ ٽيڪنالاجي، اگزواسڪيلٽان ۽ ٻين ڪيترن ئي اوزارن جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته انسان جي روزمره جي ڪارڪردگيءَ کي فطري حدبندين کان ٻاهر ڪيئن آڻي سگهجي.
“سائبورگ” جو لفظ آسٽريا ملڪ جي سائسندانن مينفرڊ ڪلائنز ۽ ناٿن ڪلائن پاران 1960ع ۾ پھريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو، جن اھو ٻڌايو ھئو ته، “هڪ اهڙو جاندار جيڪو حياتياتي ۽ مشيني ڪَلُن جو ميلاپ هجي”. اڄڪلهه اسان “سائبورگ” جي سادين شڪلين کي روزمره جي زندگيءَ ۾ عام واھپي ۾ ڏسي سگهون ٿا. مثال طور، دل جي بيمارين لاءِ استعمال ٿيندڙ “پيسميڪر” ھڪ مشيني عضوو، مصنوعي هٿ يا پير، يا گردن ۽ ڦڦڙن کي ھلائڻ لاءِ اندر خودڪار مشينون، جيڪي بيٽرين ۽ انسان جي پنهنجي حرارت تي ھلن ٿيون، اھي اهڙيون ٽيڪنالاجيون آهن، جيڪي انسان جي جسم ۾ شامل ٿي، اسان جي صلاحيتن کي ويتر وڌائين ٿيون. “سائبورگ” جو تصور صرف طبي فائدن تائين محدود ناهي. هاڻي ته اهڙيون ٽيڪنالاجيون پڻ تيار ٿي رهيون آهن، جن جي مدد سان انسان جي عام صلاحيتن کي معمولي سطح کان وڌائي سگهجي ٿو، جھڙوڪ دماغ سان ڪنٽرول ٿيندڙ مشيني هٿ يا انٽرنيٽ سان سنئون سڌو ڳنڍيل دماغي پيوند ڪاري وغيره.
ڏسو ته ھاڻي اسان آھستي آھستي “سائبورگ” ڪيئن بڻجي رهيا آهيون؟ ان کي سمجهڻ لاءِ رڳو ايترو ڏسڻ ضروري آهي ته اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ سافٽ ويئر، ڪمپيوٽر مشين ۽ مصنوعي ذهانت ڪيتري حد تائين داخل ٿي چڪي آهي. تصور ڪريو، هڪ عام انسان جي ڏينھن جي شروعات هڪ ڊجيٽل الارم سان ٿئي ٿي، صحت جا انگ “فِٽ باٽ” يا سمارٽ واچن ۾ ماپجن ٿا، رابطا سمارٽ فون ذريعي ٿين ٿا، فيصلا گوگل يا چيٽ جي پي ٽيءَ کان مدد وٺي ڪريون ٿا ۽ بئنڪنگ کان ويندي تعليم تائين سڀ ڪجهه اسڪرين تي هلي رهيو آهي، اسپتالن ۾ سائبر نائيف ذريعي آپريشن ٿين ٿا، مرضن جي سڃاڻپ مصنوعي ذھانت جو تازو مثال آھي، جنھن ۾ اُن آمريڪا جي ڇھن ڊاڪٽرن کي مرض سڃاڻڻ ۾ مات ڏئي ڇڏي. هاڻي ته انساني جسم اندر داخل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي پڻ تيزي سان عام ٿي رهي آهي، جيئن ويڪسين ۽ بايو ٽيڪنالاجيءَ جون سُيون، جيڪي اسان جي سڃاڻپ، اٿڻي ويھڻيءَ يا جسماني صحت بابت پوري معلومات رکي سگهن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه انسان کي نه صرف مشينن سان ڳنڍي رهيو آهي، پر آهستي آهستي مشيني عضون ۾ پڻ تبديل ڪري رهيو آهي.
ھن وقت تائين انساني ارتقا جي تاريخ ۾ هميشه اهڙا دڳ پڻ آيا آهن، جن ۾ انسانن پنھنجي طبيعت، سوچ ۽ جسماني ممڪنات کي واڌاري ڏيڻ جي ڪوشش ھر دور ۾ ڪئي آهي. جيئن سماجي ۽ سائنسي ماھر چون ٿا ته: “اوائلي اڌ حيواني ماڻهوءَ مان ھن انساني صورت وٺڻ تائين لڳ ڀڳ 60 لک ورهيه لڳا آھن” ۽ ان دوران چپ چپات ۾ حياتياتي تبديليون پڻ آھستي آھستي ٿينديون رھيون آھن، جيئن پُڇ جو ختم ٿيڻ، ڪنن جي پاپڙين جو ننڍو ٿيڻ، وڏي آنڊي جي شڪل تبديل ٿيڻ وغيره پر هاڻي دوستو، جنھن دور ۾ پاڻ داخل ٿيا آھيون، ان ۾ ارتقا گذريل قدرتي رفتار جي ڀيٽ ۾ لکين ڀيرا تيز ٿي رھي آهي. ھاڻي اسان مصنوعي طريقي سان پنھنجا عضوا تبديل ڪري رهيا آهيون، مشيني حسيات سان معلومات کي پروڙي رهيا آهيون ۽ مصنوعي ذھانت سان ڳنڍجي ھڪ اڄاتي دنيا جي حدن تائين پھچي رهيا آهيون. اهو سڀ انساني فطرت لاءِ ھڪ نرالي قدرتي ارتقا جو متبادل پڻ پيو بڻجي. سو جيڪڏهن اهو لاڙو جاري رهيو ته سوال ٿو اڀري ته ايندڙ وقتن ۾ انسانن جو حليو ڇا وڃي بيھندو؟ پوري دنيا جي فلسفين وٽ سوال اڀري ٿو ته: ڇا پاڻ “انسان” رهنداسين به يا نه؟ ڇو ته اسان اکين سان ڏسي آھيون ته جڏهن ذهن ۾ ڊيٽا اپلوڊ ۽ ڊائون لوڊ ٿيندي ھجي، جڏهن انساني جذبا به ڪمپيوٽنگ جي ڪوڊن ذريعي سمجهيا ۽ تبديل ڪيا وڃن، جڏهن اسان مان موت جو خوف ختم ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته مشينون انساني جسم جا ڪم سنڀالي وڃڻ ڀريون ٿي چڪيون آھن، تڏهن درحقيقت ھن حضرت انسان جي هجڻ جو مطلب ڇا رهندو؟ اها صورتحال نه رڳو جسماني تبديلي آڻي رھي آھي پر اخلاقي، سماجي، ۽ فلسفاڻي حساب سان به وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿي.
اها به ڳالهه ٽاري نه ٿي سگهجي ته سائبورگي دور ۾ هڪ نئين قسم جي طبقا بندي پڻ جنم وٺي سگهي ٿي، يعني ھن وقت ھڪ طبقو ڏاڍو آھي، جنھن کي پاڻ سامراج سڏيون ٿا، سو شايد پنھنجي طاقت جي زور تي مشيني سپرمين ٿي سگهي ٿو (ھن قسم کي سمجهڻ لاءِ ڏسو انگريزي فلم آئرن مين) ته ٻيو وري ھوندو نج فطري سرشتي سان ڳنڍيل (پوءِ ڀلي ان کي اوھان مٽيءَ ھاڻو ماڻهو ئي سڏيو)، يعني ٻن طبقن جا ماڻهو، جن مان ھڪڙا اهڙا ماڻهو، جن وٽ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان اڻڳڻيون صلاحيتون هونديون ته ٻيا جيڪي پاڻ جيان فطري حدن تائين ئي محدود هوندا. اهو فرق نه رڳو طاقت، علم، يا صحت جي سطح تي ئي ڇيھ ڪندو، پر معاشرتي حيثيتن، نوڪرين، ڪمن ڪارين ۽ زندگيءَ جي معيارن تي پڻ اثر وجهندو. اهڙي نئين قسم جي درجي بندي ھڪ نئين عدم برابريءَ کي پڻ جنم ڏئي سگهي ٿي، جيڪا روايتي طبقابنديءَ، نسلي مٿ ڀيد يا روايتي فاشزم جي ڀيٽ ۾ ھزارين ڀيرا وڌيڪ ڀيانڪ پڻ ٿي سگهي ٿي.
ھاڻي ھتي مون واري يار جامي چانڊيي جي تنقيدي ذهن جيان اهو به سوال اڀري ٿو ته ڇا اسان پاڻمرادو، پنھنجي ئي مرضيءَ سان “سائبورگ” ٿيڻ چاهيون ٿا يا ھي ظالم مارڪيٽ ۽ ان جا واڳ ڌڻي اسان کي آهستي آهستي انهيءَ پاسي ڌڪيندا پيا وڃن؟ ڇاڪاڻ ته مصنوعي ذهانت ۽ سائبورگي ڪلچر جو مستقبل رڳو علم جي ترقي ئي ته ناهي پر هڪ نئون رياستي آئين ۽ نگرانيءَ جو اوزار به ته ٿي سگهي ٿو. جڏهن مشينن معرفت ڏاڍين ڌرين جي اسان جي دماغن تائين رسائي ممڪن بڻجي وڃي، تڏهن آدرشي سوچن جي آزاديءَ جو بچاءُ ڪيئن ممڪن رهندو؟ ٿورو سوچيو ته جيڪڏھن ڪو ميٽرڪس جيان نظام ماڻهن جي خيالن کي هدايتون ڏيندو ھجي؟ يعني اسان جي جذبن، خيالن، ۽ انساني سڃاڻپ به ڪوڊنگ جي حساب سان سڃاتي وڃي!
سائبورگ ٿيڻ جو هڪ امڪاني نتيجو اهو به ٿي سگهي ٿو ته انسان پنھنجي فطري حدبندين کان ڇوٽڪارو ماڻي ۽ هميشه جي لاءِ زنده رهي سگهي، ذهني وسعتن ۽ علمي تڪميل جا خواب حقيقتون بڻجي وڃن، پر ان سڄي ترقيءَ جي آخرڪار قيمت ڇا ڀرڻي پوندي؟ ڇا ان سان انساني همدردي، قياس جا احساس ۽ هنرن ڀري فطري جماليات جو اختتام ته نه ٿي ويندو؟ ڇا هڪ مشيني وجود ۾ اها “دل” به ھوندي جيڪا مڌر موسيقيءَ تي اکيون آليون ڪري ويھندي آھي، ڀٽائيءَ يا غالب جي شاعريءَ تي ويھي ھنيانءَ تي ڇنڊا پئجي سگهن يا بنا ڪنھن خاص مقصد جي لھندڙ سج جا ڀورا سرمئي نظارا پسي پنهنجي پاڻ کي اڄاتي جھان ۾ شاعري يا موسيقي ترتيب ڏئي سگهئون؟
سو مٿين سوالن کي سامهون رکي پوري دنيا جا آدرشي ۽ روايتي انسان، سائبورگي ارتقا جي ان تصور کي انساني تاريخ جي سڀني اڳين دورن کان وڌيڪ ڀيانڪ، ته ڪي وري انهن جي ابتڙ ھن ايندڙ دور کي انقلاب سان ڀريل ڪري پيش ڪري رھيا آھن. پاڻ ته پڪ سان هڪ اهڙي ٻِه واٽي تي اچي بيٺا آهيون، جتان واپس موٽڻ ھاڻي بلڪل ناممڪن آھي. هاڻي سوال اهو ناهي ته ڇا انسان سائبورگ بڻجندو؟ پر سوال اهو آهي ته ڪيئن ۽ ڪيترو بڻبو؟ ۽ سڀ کان اهم سوال ته: “ڇا اها تبديلي اسان جي انساني سڃاڻپ کي قائم به رکندي يا بنھه ختم ڪري ڇڏيندي؟” ھن سائبورگي دور جي سامهون پوري انسانذات جو اصل امتحان اھو ئي آهي ۽ اهو امتحان صرف ٽيڪنالاجيءَ جو نه پر اخلاقي پئمانن، سماجي شعور، ۽ فلسفاڻي ڏاھپ جي لاءِ پڻ وڏو سوال آھي.
اسان جو ايندڙ دور اصل ۾ مشينن سان ھڪجھڙي هجڻ يا انهن جي فرمانبردار هجڻ جي وچ ۾ فرق رکندو. اهو دور اسان کي شايد فاني هجڻ کان پڻ بچائي سگهي، پر ان سان گڏوگڏ سڀاويڪ انساني هجڻ جي بنيادن تي به سوال اٿاري سگهي ٿو. انسان، جيڪو هزارين سالن کان پاڻ کي بھتر بڻائيندو پيو اچي پر هاڻي پاڻ کي ٻيھر “نئين سر ڏسڻ” جي دور ۾ پڻ داخل ٿي رهيو آهي ۽ اها نظر، مشين جي آئيني کان ٻاھر ٿي ٺيٺ پنھنجي انساني اکين جي ڪيتري ھوندي؟ سچ ته اھو آھي جو ان سائبورگ جي تصور اسان کي هڪ اهڙي ٻِه واٽي تي آڻي بيھاريو آهي جتي اسان کي پنھنجي آئيندي جي باري ۾ وڏا ۽ ڏکيا سوال پڇڻا پوندا. اسان کي اهو سوچڻو پوندو ته اسان پنھنجي انسانيت کي ڪيئن محفوظ رکي سگهون ٿا، جڏهن اسان جي جسم ۽ دماغ ۾ مشينون شامل ٿيل ھجن. اسان کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته ٽيڪنالاجيءَ جي هن طوفان ۾ اسان جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي ڪيئن برقرار رکيو وڃي. ڇوته لڳي ائين ئي ٿو ته سائبورگ بڻجڻ شايد پنھنجي ارتقا جو ايندڙ مرحلو هجي پر اهو مرحلو اسان کان انساني سوچ ۽ ذميوارين جي گهُر ڪري ٿو ته جيئن اسان هڪ اهڙو آئيندو ٺاهي سگهون، جيڪو نه رڳو ڀلو، ڏور رس فائديمند هجي پر انساني روح جي خوبصورتي کي به برقرار رکي ۽ پاڻ کان سواءِ ھن ڪائنات ۾ جيڪي مخلوقون رھن ٿيون، گهٽ ۾ گهٽ ھن ڌرتيءَ تي جيڪي رھندڙ آھن، تن لاءِ اسان ڪيترا فائديمند ٿيون ٿا ۽ جيڪڏھن نه ائين سوچيوسين ۽ ان جو تدارڪ نه ڪيوسين ته شايد ھتي ڪجهه به نه بچي! خدا نه ڪري!