فيض گنج  (ن پ ا) فيض گنج ۾ پ پ جي جيالي نظر انداز ڪرڻ خلاف معصوم ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪيو، ڳوٺ گلاب شر واسي پيرسن جيالي علي خان شر چيو ته فضل شاهه ٽيون ڀير اليڪشن ۾ بيٺل آهي پر اسان ڏانهن لڙهي به ناهي آيو، هاڻي ان کي ووٽ ڪيئن ڏيون، هن چيو ته پراڻن جيالن جي ڪا به عزت نه آهي، ورڪر پارٽي جو سرمايو هوندا آهن پر اڳواڻن مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، هن آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو کي اپيل ڪئي ته ڪارڪنن جي واهر ڪئي وڃي.