لاهور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت سان اهم ملاقات ڪئي آهي. ظهور الاهي روڊ لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مولانا، چوڌري شجاعت جي عيادت ڪندي خيريت معلوم ڪئي. ان دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيوته چوڌري سان اسان جا پراڻا واسطا آهن اڄ جي ملاقات جومقصد ان جي عيادت ۽ خيريت معلوم ڪرڻ هو.