اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن پارٽين جي ڪانفرنس ۾ جي يو آ ءِسربراهه مولانا فضل الرحمان نه  آيو، نه ئي جي يو آءِ گڏيل پڌرنامي تي صحيح ڪئي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ مخالف ڌر جي پارٽين طرفان جاري ڪيل بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته جي يو آءِ دستخط ناهي ڪئي، اسان مخالف ڌر جي اتحاد جو حصو ناهيون، اسان نمائندن جي حيثيت سان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، اسان کي ذاتي حيثيت ۾ گهرايو ويو هو. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ پنهنجو نقطه نظر اپوزيشن جماعتن جي اجلاس ۾ بيان ڪيو. جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو ته جي يو آءِ هڪ پارٽي طور مخالف ڌر جي پڌرائي تي دستخط نه ڪئي، اسان ڪنهن جي ٺاهيل اتحاد جو حصو ناهيون، اسان کي دعوت ڏني وئي هئي، اسان پنهنجو نقطو سامهون رکيو.  هوڏانهن ماهه رنگ بلوچ ۽ منظور پشتين کي به گهرايو ويو هو، سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اسان دعوت ڏني آهي، اسان کي چيو وڃي پيو ته پوءِ توهان جو سياسي ڪيريئر تباهه ٿي ويندو.