اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سميت اهم شخصيتن تي عيد ڏهاڙي حملن جو خطرو، وقافي حڪومت طرفان گهرن ۾عيد نماز ادا ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، ڪي پي ۾سڪيورٽي خدشن سبب سياسي شخصيتن جون عيد جون روايتي تقريبون متاثر ٿيڻ خدشو آهي، دهشتگرديءَ جي خوف پڻ صوبي ۾عيد جي خوشين کي گهٽائي ڇڏيو، وفاقي حڪومت طرفان مولانا فضل الرحمان سميت سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي، حڪومتي اختيارين چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جي حياتي کي خطرو آهي،کين پنهنجي گهرن ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ گهرجي.