اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ وفد جي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعن موجب بيرسٽر سيف پاران ملاقات لاءِ مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو ويو، ملاقات لاءِ پي ٽي آءِ جي سينئر ليڊرشپ جو اعتماد حاصل ڪيو ويو هو. پارٽي ذريعن موجب هڪ ڪلاڪ پندرهن منٽن جي ملاقات ۾ تعزيت سان گڏ سياسي حالتن تي به ڳالهيون ٿيون. ملاقات جو مقصد سياسي نفرتن ۾ ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گاڏي ۾ ويهارڻ لاءِ پاڻ ٻاهر آيو. ذريعن موجب موجوده سياسي صورتحال تي مختصر ڳالهه ٻول ۽ خوش خرابت ڪرڻ تي گھڻو ڌيان رهيو، ملاقات م پاڪستان افغانستان واپار تي به مختصر ڳالهيون ٿيون. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ وفد مولانا فضل الرحمان جي گھر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سس جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي هئي.