اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) اليڪشن سيل جي سربراھه اسحاق ڊار پارليامينٽ ھائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته پارٽي ۾ ڀرپور طريقي سان ٽڪيٽن جي ورھاست وارو ڪم جاري آھي، مسلم ليگ جي 33 رڪني بورڊ 2200  کان وڌيڪ اميدوارن جا انٽرويو ڪيو آھي. ٽڪيٽن جو حتمي فيصلو ھاڻي اعليٰ  قيادت سان مشاورت بعد 12 جنوري کان اڳ ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن اميدوارن کي چيو ويو آھي ته ھو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين. جن کي تڪيٽ ڏني ويندي ان کانسواءِ باقي اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺندا. ٽڪيٽن جي حوالي سان پريشاني جي ڪا به ڳالهه ناھي اڃا ڪافي ڏينھن آھن. اسان ڪنھن سان وسيع تر اتحاد نه ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان سان عزت ۽ احترام وارو رشتو آھي. پر احترام ھڪ طرف ۽ چونڊون ھڪ طرف آھن. ٽڪيٽن جي تقسيم بعد عوامي چونڊ مھم شروع ڪئي ويندي. شاھه محمود قريشي سان پوليس جي ورتاءَ متعلق اسحاق ڊار چيو ته قانون تي عمل ٿيڻ گھرجي، تحريڪ انصاف تاريخ جي ايتري سٺي ناھي. شاھ محمود قريشي ۽ اسان گڏ سياست ڪئي آھي، الله ڪري سڀني کي انصاف ملي.