لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور سميت ڏهن ضلعن ۾ ڪوهيڙي جي روڪٿام لاءِ هفتي ۾ ٻن ڏينهن جو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي شهر لاهور، ننڪانا صاحب، شيخوپورا، قصور، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد ۽ منڊي بهاوالدين ۾ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي جنهن دوران انساني چر پر کي محدود ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ فضائي گدلاڻ سبب لاهور ۾ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته قصور ۾ شهرين پنجاب سرڪار جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي. حافظ آباد ۾ ضلعي انتظاميا سموگ جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪارروائيون ڪيون ۽ هينئر تائين دنهون ڇڏيندڙ تيرنهن سئو کان وڌيڪ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪل رڪشا بند ڪري پنجاهه کان وڌيڪ گاڏين جي روٽ پرمٽ رد ڪئي وئي آهي.