حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ ڦٽين، سارين، ڪڻڪ ۽ ڪمند جي اگھن ۾ وڏي لاٿ، موسمياتي تبديليءَ جي اثرن ۽ آبادگارن کي وڏي مالي نقصان سبب انھن جي پيداوار ۾15 کان 20 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو  آھي، جڏھن تھ نارا ڪينال ۾ مقرر وقت کان اڳ ئي پاڻي گھٽائڻ ۽ دادو ڪينال جي پاڻي کڻڻ جي سگھھ متاثر ٿيڻ تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪري ڇڏي آھي. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيد نديم شاھ، محمد ملوڪ نظاماڻي، عمران بوزدار، احسن ارباب، يار محمد لغاري، مصطفيٰ نواز شاھ، مراد علي شاھ بُڪيرائي، منظور سولنگي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ 2024ع جي خريف جي مند جو جائزو ورتو ويو،  جنهن ۾ پتو پيو ته تازو ختم ٿيل سال 2024 ۾ آبادگارن کي ڦٽين، سارين ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ وڏو  نقصان ٿيڻ جي ڪري ھن سال انھن جي پوک گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 15 کان 20 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. ان پيداواري نقصان  جو  اھم ڪارڻ  موسمياتي تبديلي سبب گرمي پد ۾ گھڻي واڌ ٿيڻ ھو . ان کان علاوه ڪپھھ ، سارين، ڪڻڪ ۽ ڪمند جي اگھن ۾ وڏي گهٽتائي ۽ پيداواري خرچن ۾ واڌ پڻ انھن ڪارڻن ۾ شامل آھي.اجلاس ۾ انگ اکر پيش ڪندي چيو ويو ته جن ۾  سال 2023 ۾ ڦٽين جو في مڻ  اگھه 7000روپين کان 10000 روپين تائين ھو جيڪو سال 2024 ۾ گھٽجي 7000 روپين کان 8000 روپين تائين رھيو،  سارين جو في مڻ  اگھه سال 2023 ۾ 3000 روپين کان 3400 روپين تائين ھو جيڪو سال 2024 ۾ گھٽجي 2400 روپين کان 2800 روپين تائين پھتو،  سال 2023 ۾ڪڻڪ جو  في مڻ  اگھه 4000 روپين کان 4100 روپين تائين ھو جيڪو سال 2024 ۾ گھٽجي 2800 روپين کان 3400 روپين تائين رھيو. اھڙي ريت ڪمند جو اگھه سال 2023 ۾ 425 روپيا في مڻ ھو جيڪو سال 2024 ۾ گھٽجي 400 روپيا ٿي ويو.  اجلاس ۾ چيو ويو ته اگھن ۾ ايتري وڏي گھٽتائي حڪومت طرفان اوچتي ڊي ريگيوليشن جي ڪري ٿي آهي ان بابت حڪومت کي پھرين رٿابندي ڪري پوءِ ڊي ريگيوليشن پاليسي تي عمل ڪرڻ گهرجي ها. اسٽوريج، پروسيسنگ ۽ مسابقتي مارڪيٽن جي غير موجودگي ۽ برآمدات تي پابندي جي نتيجي ۾ آبادگار مڊل مين، ذخيره اندوزن ۽ اجاره  دارن جي ور چڙھي ويا. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڦٽين، سارين، ڪڻڪ ۽ ڪمند مان رڳو چانور ئي آھن جن جي برآمد جي اجازت آھي باقي جنسن لاءِ رڳو مقامي مارڪيٽ تي ئي ڀاڙڻو پوي ٿو جتي انھن جا مناسب اگھه نه ٿا ملن. سنڌ آبادگار بورڊ ان تي حيراني جو اظھار ڪيو ته ٻيون حڪومتون مقامي پيداوار وڌائڻ لاءِ زور ڀرين ٿيون پر پاڪستان ۾ ملڪي پيداوار تي  اجايا ٽيڪس مڙھيا ٿا وڃن. ھڪ پاسي حڪومت پرڏيھه مان ڪپھه گھرائڻ تي وڏو پرڏيھي ناڻو خرچ ڪري ٿي ڇڏي ته ٻي پاسي مقامي طور پيدا ٿيندڙ ڪپھه تي 18 سيڪڙو ٽيڪس مڙھي ڇڏيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ نارا ڪينال ۽ دادو ڪينال جي آبادگارن کي ايندڙ ڏينھن ۾ مختلف ڪارڻن جي ڪري گھربل پاڻي نه ملڻ جا خدشا ظاھر ڪندي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نارا ڪئنال کي ساليانو سار سنڀال لاءِ 6 جنوري کان 21 جنوري تائين بند ڪيو ويندو آھي پر هن سال مقرر وقت کان 25 ڏينهن اڳ ئي پاڻي گهٽايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. نارا ڪئنال جا ڪجھ علائقا اهڙا به آهن جتي بندي جي مقرر وقت کان 15 کان 20 ڏينهن اڳ پاڻي بند ٿي ويو. انھن علائقن ۾ زير زمين پاڻي استعمال جوڳو نه آھي ۽  30 ڏينھن تائين پاڻي نہ ملڻ پوک لاءِ ھاڃيڪار ٿيندو،  ان ڪري سنڌ آبادگار بورڊ گھر ڪئي آھي ته  نارا ڪينال جي سالياني بندي جو مدو گهٽايو وڃي ۽ ان ۾  15 جنوري کان پاڻي ڇڏيو وڃي. جڏهن 15 جنوري تي ڪئنال کوليو ويندو تہ پڇڙي وارن علائقن تائين پاڻي جي پھچڻ ۾ به 7 ڏينھن لڳي ويندا.  ۾ چيو ويو ته دادو ڪئنال جيڪو 5 لک ايڪڙزمين کي سيراب ڪري ٿو سو ھن وقت مقرر ٿيل مقدار ۾ پاڻي کڻڻ جي سگھ وڃائي ويٺو آھي جنھن جو ڪارڻ سکر بيراج جي اپ اسٽريم ۾سنڌونديءَ جي ساڄي پاسي سلٽنگ ٿيڻ آھي جيڪا ھڪ وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي، گذريل ڪجھ وقت کان  دادو ڪئنال ۾ پاڻي جي اڪثر وقت کوٽ رهي آھي. ان ڪري سکر بئراج تي سڌاري جي ضرورت آهي ٻي صورت ۾ دادو ڪئنال جي وڏي ڪمانڊ ايريا ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيندي.سنڌ آبادگار بورڊ  جي اجلاس ۾ چيو ويو ته هي سالياني بندي جو وقت آهي ان ڪري آبپاشي نظام جي مناسب سار سنڀال ۽ کاٽي جي ڪم تي پورو ڌيان ڏنو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ڪيو ته سمورن اسٽيڪ ھولڊرز ۽ لاڳاپيل آبادگارن کي کاٽي جي شيڊول کان آگاھ ڪيو وڃي ته جيئن ان تي صحيح عملدرآمد ۽ شفافيت ٿي سگھي.