فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ۾ ڳئون ڇت تي چڙهي وئي، گھر ڊهي پٽ، 4 ڄڻا زخمي. ان ڏس ۾ فريدآباد جي نياز ڪالوني ۾ لطيف رند جي گهر جي ڇت جيڪا ايف پي بچاءُ بند جي برابر ھئڻ سبب ڇت تي پيل ڪڻڪ کائڻ لاءِ ڳئون ڇت تي چڙهڻ دوران ڪمري جي ڪمزور ڇت ڪري پيئي ڇت ڪرڻ سبب سندس گهر ۾ ويٺل لطيف رند جي امڙ گلشاد رند،ريحانه رند ۽ ٻارڙا ڇت ھيٺان اچي ويا جڏهن عورتن ۽ ٻارڙن جي رڙين تي پاڙيوارن پھچي عورتن ۽ ٻارڙن کي ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته زخمين ۾ گلشاد رند جي حالت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ھئڻ سبب تعلقه اسپتال ميھڙ بعد لاڙڪاڻو نيو ويو آهي.