فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ۾ ڀاءُ جي صدمي ۾ هفتي 2 ڀيڻ ڀاءُ فوت ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ فريدآباد ويجھو  ھڪ ھفتو اڳ ڳوٺ ڳاڙهي واسي لاڏاڻو ڪريل رئيس بشير احمد چانڊيو جو تڏو کڻڻ بعد سندس وڇوڙي جي صدمي ۾ بيمار پيل ڀيڻ  ممتاز چانڊيو صبح ڌاري لاڏاڻو ڪري  وئي جڏهن ته ڀيڻ جي لاڏاڻي بعد سندس وڏو ڀاء امير علي چانڊيو به ھلندڙ علاج دوران دم پرواز ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو ڀيڻ ۽ ڀائرن جي ھڪ ٻي جي پٺيان فوت ٿي وڃڻ جي اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڇائنجي وئي آهي.