فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. ڳوٺ الھڏنو تيوڻو جي رھواسين محمد ابراهيم، محمد يوسف، درمحمد، عبدالغفور، محمد موسيٰ، معصوم ٻارڙن نورنبي، زويا خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ اڳواڻ سڪندر ڏيرو خلاف  احتجاج ڪندي دانھيو ته اسان جي ڀاءُ مرتضيٰ خاصخيلي سڪندر ڏيرو سان زمين تي ڀائيواري ڪئي، ان جي  ڏيتي ليتي ڪرڻ باوجود بااثر پ پ اڳواڻ 15 لک وياج جا زور تي مڙھي پئسا اوڳاڙڻ لاءِ روز روز پوليس اسان جي گهرن ۽ دڪانن تي موڪلي هراسان ڪري زور تي وياج جا پئسا اوڳاڙڻ چاھي ٿو. ھنن چيو ته فريدآباد پوليس به وياجين جي ونگار وھي ٿي جڏهن ته بااثر وياجي ۽ فريدآباد پوليس جي ناجائزين خلاف فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميھڙ کان پوليس پروٽيڪشن وٺڻ باوجود پوليس اڄ به وردي جو ناجائز فائدو وٺي اسان کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻي طرف الزام هيٺ آيل پ پ اڳواڻ سان رابطو نه ٿي سگهيو.