فريدآباد(ن پ ا) ايف پي بچاءُ بند تي ڪم ڪندڙ پيٽي ٺيڪيدار درمحمد دشتي خلاف فريدآباد ۾ ايراني ھوٽل جي مالڪ علي نواز عرف ايراني چنه، علي گوھر چنا، ضميرخاصخيلي، رميز جتوئي علي شير بروھي عبدالصمند چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريدآباد شھر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي ڳولي ڏيو ڳولي ڏيو ايف پي بچاءُ بند جو پيٽي ٺيڪيدار درمحمددشتي ڳوليو جي سخت نعريبازي ڪئي. ھوٽل مالڪ ايراني چنه چيو ته فريدآباد ايف پي بچاءُ بند تي ڪم دروان پيٽي ٺيڪيدار درمحمد دشتي پنهنجي سڄي ليبر سميت منهنجي ھوٽل مان ماني کائي ھليو ويو آهي جيڪو ھر روز بل پاس نه ٿيڻ جا بھانا بڻائي 90 ھزار رپيا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ھن چيو ته ٺيڪيدار روز پئسا ڏيڻ جو آسرو ڏيندي ڏيندي ھتان رات جي پيٽ ۾ سامان کنيون ڀڳو ھليو ويو آهي، جيڪو ھاڻي فون کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ھن ڊي سي دادو، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار خلاف نوٽيس وٺي پئسا ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي.