فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ۽ ڪاڇي جي 9 ڳوٺن جي واٽرسپلا جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ڳوٺن ۾ ٽاڪيون ٺاھي نه ڏيڻ خلاف ڪاڇي واسين ۽ شھرين ميھر علي ڏيرو، وڏيرو روشن علي ٻگھيو، مولوي بخت علي بروهي، پير محمد ڏيرو، غلام شبير ڪرٽيو، محرم رند ۽ سڪندر بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ تي ڌرڻو هنيو. ھنن چيو ته ٽن سالن کان فريدآباد واٽر سپلا جو ڪم رولھڙي جو شڪار بڻيل آهي جنهن سبب اسان جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پئدا ٿي وئي آهي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري اسين ڪاڇي واسي پري پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھيون ھنن پبلڪ ھيلٿ کاتي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدار تي واٽر سپلا اسڪيم جا پائپ وڪرو ڪري ڪرپشن ڪرڻ جو الزام ھڻندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري اسڪيم جا پائيپ وڪرو ڪري اسڪيم جا پئسا ھڙپ ڪري گم ٿي ويا آهن. جنهن ڪري اسڪيم ٽن سالن کان رولھڙي جو شڪار بڻيل آهي. ھنن ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته فريدآباد واٽرسپلا اسڪيم جي ڪم جو نوٽيس وٺي اسڪيم مڪمل ڪرائي اسان ڪاڇي واسين کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي.ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.