فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاء سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪائونسلر امين بروهي، علي عباس چنه،علي گوهر چنه، ايڊووڪيٽ مختيار کوسو عبدالفتاح گائينچو،بھادر تيوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 44 ھين ڏينهن تي جوڳي فقير گهرائي مرليون وڄائي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته شھر جي صفائي نه ٿيڻ،يونين ڪائونسل کي تالا ھئڻ، سي سي بلاڪ، پل جي تعميراتي ڪم جا پئسا ھڙپ ڪرڻ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ گذريل 44 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آھيون پر اسان جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي ھنن ڊي سي دادو، وزير اعلي سنڌ، بلاول ڀٽو زرداري لوڪل گورنمينٽ جي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فريدآباد ۽ ڀرپاسي جون تباھ ٿيل واٽرسپلا اسڪيمون بحال ڪري پيئڻ جو پاڻي ڏيئي، شھر جي صفائي ڪرائي، بند پيل يونين ڪائونسل فريدآباد کي فعال بڻائي عملي کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي بنيادي  مسئلا حل ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.هوڏانهن ڳوٺ ڇٽو ميرواڻي جي رھواسي واحد بخش چانڊيو پنهنجي ڀائرن، رحيم بخش چانڊيو، منظور چانڊيو، علي دوست چانڊيو، محمد بخش چانڊيو، ڪريم بخش چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب فريدآباد پهچي احتجاج ڪندي دانھيو ته بااثر جوابدارن نياز حسين، چانڊيو ،عبدالحسين ،حمزعلي،بلاول ۽ ٻين ڪالھ بيگناھ حملو ڪري ڏنڊا، سروٽا پٿر ھڻي مرڻينگ ڪري ڦٽو ڪري سي ڊي موٽرسائيڪل ڪاھي ويا آهن . جوابدار ڏاڍا مڙس آهن جيڪي ڳوٺ ۾ سروي لاءِ ايندڙ سماجي تنظيمن کي بليڪ ميل ڪيون ويٺا آهن.سماجي تنظيم کي صحيح ڪم ڪرڻ ئي نٿا ڏين. تحفظ ڏيئي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ھوڏانھن  الزام هيٺ آيل ڌر جي  ماڻهن صحافي نياز حسين چانڊيو، محبوب چانڊيو , ميهر علي چانڊيو ,رمضان چانڊيو ,شوڪت چانڊيو , ساجن چانڊيو , محمد خان چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته  سماجي تنظيم ٿرديپ پاران سروي ڪري رهيا هئاسين ته بهاذراڻي پاڙي جي رهواسين ڪريم بخش چانڊيو , رحيم بخش چانڊيو , واحد بخش چانڊيو اسان مٿان حملو ڪري ڏنو اسان کي ڳوٺ جي ماڻهن وچ ۾ پئي جان بچائي جنهن کان پوء اسان اهڙي اين سي فريدآباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي واحد بخش وارا اسان خلاف ڪوڙ تي احتجاج ڪري رهيا آهن ھنن ايس ايڇ او فريدآباد ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڳوٺ مٿين عاليوال جي رھواسڻ بيواھ عورت سسئي چانڊيو پنهنجي معصوم ٻارڙن افسانه،مومنا جنسار ۽ ٻين سان گڏ ڀلو ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانھيو ته مامي اڪبر چانڊيو، جان محمد، حبدار، عبدالجبار ۽ ٻين مون بيوه جي پلاٽ تي قبضو ڪري پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. دانھن ٿاڻي تي کڻي ويس ٿاڻيدار ڀلو ڪتاب ڏسي چيو ته اوهان ڳوٺ موٽي وڃو اوهان سان انصاف ٿيندو ان کي به 20 ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اسان اسان انصاف ڪيو وڃي.