فريدآباد(ن پ ا) ڌامراهه واھه، لامينر شاخ، سيدپور شاخ، ماڏو شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي ھارين آبادگارن جو ڇنڊڻ موري تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو. ان ڏس ۾ رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ڌامراھ واھ ۽ ان مان نڪرندڙ واھن شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف علائقي جي مختلف ڳوٺن سيدپور، ميرپور،گهاڙي جاگير،خوشحال سولنگي ۽ ٻين ڳوٺن جي آبادگارن ھارين سجاد چانڊيو، ظفر سولنگي، شبير چانڊيو،ڪامريڊ انور ملاح، الھڏنو چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇنڊڻ موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته 2022 جي مھاٻوڏ ٻوڏ کان وٺي اسان جي واھن شاخن جي کاٽي ناهي ڪرائي وئي، واھن شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري اسان پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي نٿو پھچي، آبڪلاڻي جي مند اچڻ باوجود کاٽي شروع نه ڪئي وئي آهي. ھنن آبپاشي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڌامراهه واھ،لالمينر شاخ،سيدپورشاخ،ماڏو شاخ،بشارت شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي کاٽي ڪرائي پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پھچايو وڃي.