فريدآباد(ن پ ا)  پراڻي دشمني تان بيدرديءَ سان قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس وارثن بدران سرڪار جي مدعيت ۾ 5 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪري خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن تي مقتول جي وارثن جو فريدآباد ڇنڊڻ موري ۽ ميھڙ انڊس هاءِ وي روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو،ان ڏس ۾ هڪ ڏينهن اڳ فريدآباد وچ شھر ۾ پراڻي دشمني تان 4 نامعلوم ھٿياربندن پاران ھوٽل ۾ ويٺل گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان علي گل چانڊيو جي قتل واقعي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود وارثن نوجوان جي تدفين نه ڪئي ۽ مقتول جي وارثن ڀاءُ امير علي چانڊيو، مرتضي چانڊيو ۽ ٻين لاش کڻي ڇنڊڻ موري تي احتجاج ڪرڻ بعد ميھڙ انڊس هاءِ وي تي پھچي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيھجي ويون. ڌرڻي دوران  مقتول جي ڀائٽي مرتضي چانڊيو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته جوابدارن رستم، امتياز چانڊيو سرتاج، انور، سوز علي ۽ ٻين تمندار صدا حسين چانڊيو جي چوڻ تي چاچي کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو آهي ھن چيو ته فريدآباد پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ پاڻ فريادي ٿي نامعلوم جوابدار ڄاڻائي  چاچي جو خون لوڙھڻ چاھي ٿي ھن چيو ته فريدآباد ھوٽل ۾ ويٺل سڀني عيني شاهدن جي موجودگي ۾ قاتل جوابدارن منهنجي چاچي کي قتل ڪيو آهي ان باوجود اسان جو ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي. ھنن ايس ايس پي دادو، آء جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مقتول جا قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

راشد محمود سومرو ڌرڻي ۾ شريڪ، مقتول جي تدفين ڪيو، انصاف نه ٿيو ته توهان سان گڏ آهيون: جي يو آءِ اڳواڻ

فريد آباد/ميھڙ: جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جو ھاء وي کان گذرڻ دوران ميھڙ انڊس ھاء وي تي مقتول جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاء لڳل ڌرڻي سبب مقتول جي وارثن سان ملي ھمدردي جو اظھار ڪيو راشد محمود سومرو مظاھرين کي يقين ڏياريو ته اوھين مقتول جي تدفين ڪري قاتلن جي گرفتاري لاء حڪمرانن سان ڳالھايو ان باوجود به اوھان سان انصاف نه ٿيو ته اسين اوھان سان گڏ آھيون  راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته اسين پاڻ 11 سالن کان سراپا احتجاج بڻيل آھيون ۽ انصاف جي گھر ڪندا رھون ٿا ھن چيو ته حڪمرانن سمورا ٻيٽ ، جزيرا ، وسيلا ، مسڪين ماروئڙن جا ٿيل خون ، جنازه ، لاش ھر شئي تباه ڪري ھاڻي سنڌو درياء تي قبضو ڪرڻ چاھن ٿا ھن چيو ته سنڌي ماڻھن کي پنھنجي حقن لاء سجاڳ ٿيڻو پوندو سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌي قوم کي انقلاب آڻڻ لاء اٿڻو پوندو

پوليس وارثن جو انتطار بدران وارث نه پهچڻ جو جواز ڄاڻائي رات پيٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو

فريد آباد/ميهڙ: پوليس وارثن جو انتطار بدران وارث نه پهچڻ جو جواز ڄاڻائي رات پيٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو، ان ڏس ۾ فريدآباد پوليس رات دير سان 4 بجه ڌاري مقتول علي گل چانڊيو جا وارث نه پھچڻ جو جواز ڄاڻائي مقتول جي قتل مامري جوڪيس  اي ايس آء ھوت خان جانوري جي فرياد تي سر ڪار جي مدعيت ۾ 5 نامعلوم ھٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.