فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ   سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي شھرين سياسي سماجي تنظيمن ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، جي ڊي اي، جسقم آريسر، شيعا علماء ڪائونسل، شهري اتحاد جي اڳواڻن ڪائونسلر محمد امين بروهي، مولوي مشتاق احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ مختيار کوسو، بهادر تيوڻو، خادم ڪي ڪي خاصخيلي، محمد نواز تيوڻو، عبدالفتاح جکراڻي ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻي ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي سالن کان شهر جي صفائي نه ٿيڻ ڪري شهري مليريا چمڙي ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر انتظاميه صفائي لاء ڪوبه قدم ناهي کنيو هنن چيو ته يوسي جي بجيٽ 5 لکن مان وڌي 12 لک ٿيڻ باوجود به شهر ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو  چيئرمين شهر جي صفائي لاء وائيٽ ڪالر ماڻهون مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن جيڪا شهرين سان وڏي نا انصافي آهي هنن چيو ته شهر جو ڊرينج سسٽم ناڪاره هجڻ سبب نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ان کان علاوه ھنن چيو ته يونين ڪائونسل آفيس جو چيئرمين ۽ سيڪريٽري سميت سمورو عملو غائب آهي جنهن سبب برٿ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ سميت آفيس جي ٻين ڪمن ڪارن لاءِ اسان کي ڳرا ڀاڙا ڀرائي رلايو ٿو وڃي ڪو به آفيس ۾ ويهڻ لاء تيار نه آهي. هنن وزير علي سنڌ ڊي سي دادو ۽ ٻين اختيار ڌڻين کان گهر ڪئي ته شهر جي صفائي سميت بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.