فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ، شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اڄ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي شھرين سياسي سماجي تنظيمن جي سوين ماڻهن ڪائونسلر امين بروهي، ايڊووڪيٽ اعظم خاصخيلي، مختيار کوسو، ايڊووڪيٽ شفيع محمد کوسو، عبدالفتاح گائينچو، محمد نواز تيوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄ 7 ڏينهن به شھر ۾ ريلي ڪڍي بک هڙتال جاري رکي وئي، ان موقعي تي دانهيندي اڳواڻن چيو ته چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب شھر گندگي جي ور چڙهيل آهي، فريدآباد شھر سميت سموري يونين ڪائونسل جي ڳوٺن جا روڊ رستا تباھي جي ور چڙھيل آهن، ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي، 7 ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪيون پيا پر ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن وزير اعليٰ سنڌ، ڊي سي دادو ۽ ٻين اختيار ڌڻين کان مطالبو ڪيو ته شهر جي صفائي ڪرڻ  سميت پيئڻ جو مٺو پاڻي ڏيئي شھر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.