فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ۾ ڪائونسلر امين بروهي، محمد نواز تيوڻو ۽ ٻين پريس ڪلب فريدآباد پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته فريدآباد شھر جو بااثر وڏيرو رحمن ڏيرو گذريل رات ھٿياربند ماڻهو وٺي اچي اسان جي ماڻهن کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ٽريڪٽر ٽرالي گهرائي 600 مڻ ڪڻڪ زوري کڻي ويو آهي. ھنن چيو ته بااثر وڏيرو رحمن ڏيرو ماڻهو مارائڻ چاھي ٿو ۽ جھيڙو ڪرائڻ چاھي ٿو اسان غريب ۽ مسڪين آھيون ھنن چيو ته اسان سان وڏي نانصافي ڪئي وئي آهي بااثر ڏاڍ جبر ۽ ھٿيارن جي زور تي ڪڻڪ کڻي ويو آهي. ھنن آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي حيدرآباد ،ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ کڻي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪڻڪ واپس ڪرائي انصاف ڏنو وڃي