فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ۾ ميھڙ پوليس پاران ڳوٺ گاھي خان سيلرا تي چڙھائي دوران مزاحمت تي ٽن پوليس اهلڪارن سميت 8 ڳوٺاڻا زخمي ٿيڻ واري مامري بعد سرڪار جي فرياد تي فريدآباد ٿاڻي تي ايس ايڇ او اي سيڪشن ميھڙ محسن جمالي جي فرياد تي بابر خاصخيلي، عبدالخالق خاصخيلي،محمد،دلبر خاصخيلي سميت 17 سڃاتل ۽ 50 اڻ سڃاتلن خلاف دھشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.ڪيس ۾ دھشتگردي ، ھل ھنگامي ، حملي ، سرڪاري ملڪيت کي نقصان پھچائڻ سميت ٻيا قلم لڳايا ويا آھن، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ناري سويره خاصخيلي جي اغوا ڪيس ۾ فراز خاصخيلي کي گرفتار ڪرڻ وياسين ته گوٺاڻن ڏنڊا ۽ ھٿيار کڻي پوليس تي حملو ڪيو جوابدارن جي حملي ۾ مان (ايس ايڇ او اي سيڪشن مٿي ۾ ڏنڊو لڳڻ سبب زخمي ٿي پيس جڏھن ته پوليس اھلڪار مھتاب ترڪ کان ڳوٺاڻن سرڪاري ھٿيار ءِ گوليون ڦر ڪيون جوابدارن سروٽا ھڻي پوليس موبائل جا شيشا ٽوڙي چڏيا آهن .ٻئي طرف طرف ڪيس ۾ نامزد بابر خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او محسن جمالي پنهنجي وردي پاور جو ناجائز غيرقانوني طور استعمال ڪري اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ھن چيو ته پوليس اڌرات جو چورن وانگي اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان مٿان تشدد ڪري اسان جا 2 ماڻهو زخمي ڪري پوليس موبائل گاڏي جا پاڻ شيشا ٽوڙي ان جو غلط رنگ ڏنوآهي، ھن وڌيڪ چيو ته پوليس اسان جي زخمي صدام خاصخيلي ۽ ٻين کي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.