فريدآباد (ن پ ا) ڳوٺ شيرو ڏيپر مان 3 مهينا اڳ نوجوان گدا حسين خاصخيلي سان گڏ پيار پرڻي لاءِ نڪتل زاھدان سوڍر جي پلاند ۾ سوڍر برادري جي ماڻهن ڳوٺ خدابخش خاصخيلي مان بلقيس خاصخيلي سندس معصوم پٽ زبير ۽ وزيران زال منظور خاصخيلي کي اغوا ڪري ويا هئا.فريدآباد پوليس ٻن عورتن ۽ ٻالڪ کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي کين  عدالت ۾ 164 جي بيان لاءِ  پيش ڪيو .ايس ايڇ او فريدآباد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بلقيس خاصخيلي عدالت ۾ بيان ڏنو ته سندس چاچي وزيران جي طبيعت اڪثر ڪري خراب رھندي ھئي جنھن کي هوءَ 3 مھينا اڳ درگاهه قلندر شھباز وٺي وئي ھئي جتي هڪ مھينو رهڻ کانپوءِ هو نوراني تي ويا، جتي 2 مھينن تائين اتي رھڻ باوجود سندس طبيعت ٺيڪ نه ٿي جنهن بعد ڳوٺ پئي آيا ھن چيو ته عورت بلقيس جو اھو به چوڻ آهي ته ھن جي مڙس شريف سوڍر ۽ ٻين تي کين اغوا ڪري کڻي وڃڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي ان ۾ ڪابه صداقت ناهي.عورتن جي اھڙي بيان سميت کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻي طرف 3 مھينن کان اغوا ڄاڻايل عورتن کي راڄوڻي طور بازياب ڪرائڻ جا علائقي ۾ پڻ چوٻول ھلندڙ آهن.