فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد لڳ ڳوٺ وڏي بيتل ۾ پوليس سعيد احمد چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي ڪري ٻن ڀائرن عبدالرزاق ۽ صدام پٽ خميسو خان چانڊيو کي کنڀي کڻي وئي. نوجوانن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن سعيد چانڊيو ، مسمات صندل معشوق چانڊيو ، ساگر چانڊيو ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته فريدآباد، ميهڙ ، ڪي اين شاهه، سي آءِ اي دادو پوليس ڌاڙيلن جيان گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چو ديواري جو تقدس پائمال ڪري پيتيون ڀنڃين سونا زيور 50هزار ڪيش رقم ۽ ٻيو سامان به کڻي ويا آهن هنن چيو ته اسان غريب ۽ امن پسند ماڻهون آهيون پوليس ڪنهن جي چرچ تي اسان جي گهرن ۽ نگن ۾ گهڙي اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي فريدآباد ميهڙ ٿاڻن تي ڀائرن جي جانچ ڪئي آهي پر فريدآباد ميھڙ پوليس ڪوبه ڏس پتو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن ايس ايس پي دادو آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان کي آزاد ڪرائي پيسا، سون واپس ڪيا وڃن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف ايس ايچ او فريدآباد منور چانڊيو سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته اسان ڪنهن به ڳوٺ تي ڪابه چڙھائي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي گرفتار ڪيو آهي.